اسان جنھن ملڪ ۾ رھون ٿا ان ۾ 60 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان ھيٺ واري زندگي گذاري رھي آهي. ڇو ته سنڌ جي اڪثريت ڳوٺن ۾ رھي ٿي ۽ سندن گذران گهڻي ڀاڱي زراعت ۽ چوپائي مال تي ٿئي ٿو. پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ ٻين ڪيترن ئي سببن جي ڪري پوئين ڪجھ عرصي کان جهڙي طرح سنڌ جي زراعت تباهه ٿي آهي سا ڪنھن کان ڳجهي نه آهي. جيڪڏهن ان حوالي سان جاگرافيائي تناظر ۾ پنهنجي ملڪ جي ڳالهه ڪنداسون ته پاڪستان معدني وسيلن سان مالامال هڪ اهڙو خوشحال ملڪ آهي، جنهن کي الله سائينءَ ڪيترن ئي قدرتي نعمتن سان نوازيو آهي. جنهن ۾ ڪوئلو، گيس، قيمتي پٿر وغيره شامل آهن. سمورن معدني وسيلن رکڻ جي باوجود حڪومتن جي ناقص ڪارڪردگي جي باعث اسان جي ملڪ جي ترقي جي اها راهه هموار ٿي نه سگهي آهي، جيڪا ٿيڻ گهرجي ها. ان تنزليءَ جو هڪ اهم سبب ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي ۽ بيروزگاري پڻ آهي. ولڊ بئنڪ جي انگن اکرن موجب 2010ع کان وٺي بيروزگاري ۾ مسلسل واڌارو ڏسجڻ ۾ آيو آهي. آءِ، ايم. ايف جي رپورٽ مطابق 2021ع ۾ بي روزگاريءَ جي شرح ڏيڍ سيڪڙو تي پهچي چڪي هئي، ۽ هن سال ان ۾ تمام گهڻو واڌارو ڏٺو ويو آهي ايتري حد تائين جو هنن کي ڪرپشن جي حوالي سان پنهنجي تازي رپورٽ پيش ڪرڻي پئجي ويئي موجودا وقت جي بيروزگاري جو پڻ ملڪي تاريخ ۾ اڳ ڪو به مثال نه ٿو ملي. ڇو ته پوئين عرصي ۾ پهريون ڀيرو ملڪ جي معاشي عدم استحڪام ۾ ايترو منفي اضافو ڏٺو ويو آهي.
مختلف مالياتي ادارن جي انگن اکرن موجب هن سال پاڪستان ۾ بيروزگار ماڻهن جو تعداد هڪ ڪروڙ کان به وڌيڪ ٿي چڪو آهي. موجوده حڪومت پنهنجي چونڊ مهم دوران بار بار اهو واعدو ڪيو هو ته هو اقتدار ۾ اچي بي روزگاري ختم ڪندا ۽ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندا، پر حيرت جوڳي ڳالهه اها ٿي آهي ته هنن ماڻهن کي هڪ ڪروڙ نوڪريون ته ڪو نه ڏنيون پر حڪومت ايندي ئي مختلف ادارن مان ڌڙا ڌڙ ماڻهو ڪڍڻ شروع ضرور ڪري ڏنائون
سچ ته اهو آهي ته اسان جي ملڪ جون حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون پيون وڃن، ڇو ته سياسي حالتون روز بروز عدم استحڪامت واري صورتحال ڏانهن وٺي وڃي رهيون آهن حڪومت ۽ مخالف ڌر جا اڳواڻ هڪ ٻي جي مد مقابل آهن. پر عام ماڻهوءَ کي سياست جي ان غير تسلي بخش صورتحال سان ڪا به دلچسپي ڪون رهي آهي ڇو ته عوام کي سدائين پنهنجي اٽي، لٽي ۽ اجھي جي مسئلن سان دلچسپي رهي آهي.
حقيقت اها آهي ته هن مهانگائي هڪ غريب جي چيلھ چٻي ڪندي ماڻهو کان پنهنجي خاندان جي ڪفالت ڪرڻ وارو حق کسي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ هونءَ ته مهانگائئ پوري ملڪ جو مسئلو رهي آهي پر سنڌ صوبي کي هتان جي حڪمرانن ان حوالي سان وڌيڪ خود ڪفيل بڻايو آهي. پر ان ۾ گهڻو ڏوهه حڪمرانن جو به ناهي. ڇو ته چونڊ ڪرڻ جو حق عوام جو يعني ووٽ ڏيندڙ ماڻهن جو آهي. ڏٺو اهو ويو آهي ته سنڌ جا ماڻهو موجوده حڪومت تي سخت تنقيد ڪرڻ کان پوءِ به ساڳين ماڻهن جي چونڊ ڪن ٿا. توهان سڀني کي به ضرور ان ڳالهه جو مشاهدو ۽ تجربو ٿيو هوندو. اسان جا سٻاجھا سنڌي ماڻهو سدائين هن حڪومت جون دانهون ڪندا آهن ته پي پي وارن سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي ڪرپشن ۽ بد انتظامي ادارن کي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ترقيءَ جي حوالي سان پنجاب کان تمام گهڻو پوئتي رهجي ويئي آهي. مڃون ٿا عمران خان پنهنجي دور حڪومت ۾ ملڪي معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهچايو پر سنڌ تي ڪيترن ڏهاڪن کان ته پي پي جي حڪومت رهي آهي. يقينن ايترن سالن کان وٺي سنڌ جي هيءَ ڏتڙيل حالت حڪمرانن جي انھئ ناقص ڪارڪردگيءَ جو بيانيو پيش ڪري رهي آهي
سڀني باشعور ماڻھن جي ذهنن ۾ هاڻي اهو هڪ فڪري سوال اچي ٿو ته صحت، تعليم، گيس، بجلي، پيئڻ جو صاف پاڻي انفراسٽرڪچر جي تباهي پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ ڇو وڌيڪ خراب تاثر پيش ڪري رهي آهي ؟
مريم نواز جي سياسي پاليسين سان ڪيتري به کڻي مخالفت ڇونه ڪجيپر ڇا پنجاب جي وزير اعلا هئڻ جي حيثيت ۾ هن جي ڪارڪردگي تسلي بخش نظر نه ٿي اچي؟ ڇا اڄ ڪلهه لاهور ترقي جي نئن منزلن کي عبور ڪرڻ جي مرحلن ۾ بيٺل نظر نه ٿو اچي مريم نواز شريف جي ڊرامائي ۽ ميڊيائئ اداڪاري کان قطع نظر جنهن شخصيت جي جيڪا عملي ڪارڪردگي هجي ان کي ڪريڊٽ ضرور ڏيڻ گهرجي پنجاب جي اهڙي ترقي عمران خان جي دور حڪومت ۾ به اڳ ايئن چمڪندي ڪڏهن نظر نه آئي هئي کڻي اهو
مڃي به وٺجي ته عمران خان اسان جي ملڪ جي معشيت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو هيو، پر سنڌ جي موجوده حالتن جو ذميوار رڳو عمران خان ته ڪونهي…! سنڌ ۾ ڊگهي عرصي کان وٺي اقتدار پي پي جو رهيو آهي. انهن کي ڪنهن روڪيو آهي ته سنڌ جي ترقيءَ لاءِ مريم نواز شريف وانگر ڪي جوڳا اپاءَ وٺي سنڌ کي ترقي نه وٺرائن؟
سنڌ تعليمي شرح جي حوالي سان ملڪ جو ٻيو سڀ کان وڏو صوبو آهي. اهو به مڃيوسين ته مهانگائي بين الاقوامي مسئلو آهي پر وڌندڙ آباديءَ جي پيش نظر دنيا جي سڀني ملڪن ۾ روز مره جي استعمال جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ دنيا مان قدرتي ذخيره ڪوئلو، گيس، پيٽرول وغيره گهٽجي رهيا آهن. ڇو ته جنهن تيزيءَ سان اهي ذخيره استعمال ٿي رهيا آهن، ايتري تيزيءَ سان نوان ذخيره دريافت ڪو نه ٿا ڪيا وڃن.۽ نه ان حوالي سان ڪي نيون منصوبا بنديون ڪندي ڏٺيون ويون آهن ساڳي تناظر ۾ جيڪڏهن سنڌ جي تنزليءَ جي حوالي سان وڌيڪ ڳالهايون ته ان جو وڏو سبب تعليم ۽ صحت جي شعبن جي بدحالي پڻ آهي عالمگير سطح تي جيتري انهن شعبن ۾ ترقي ٿي رهي آهي اوتري ئي تيزيءَ سان سنڌ انھن شعبن ۾ تباهي طرف وڌي رهي آهي حڪومت مخالف تقريرون پنهنجي جاءِ تي پر بلاول ڀٽو صاحب کي اهو به ڏسڻ گهرجي ته مريم نواز جي ڀيٽ ۾ وڏي وزير جي ڪارڪردگي سنڌ ۾ ڪيتري حد تائين تسلي بخش رهندي آئي آهي