ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جيئن ٿرڪول تي ماڻهن کي قائل ڪيو ويو، ائين ڪارونجهر تي به قائل ڪبو.
هڪ بيان ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿرڪول جي به مخالفت ڪئي وئي هئي، پر اسان ماڻهن کي قائل ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته ڪارونجهر اسان جو اثاثو آهي ۽ ان کي نقصان پهچڻ نه ڏينداسين، جيڪو ترقي جي راهه ۾ رنڊڪ بڻجندو، ان کي قائل ڪنداسين.
جيئن ٿرڪول تي ماڻهن کي قائل ڪيو ويو، ائين ڪارونجهر معاملي تي به قائل ڪنداسين: مراد علي شاهه
You might also like