ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽيليويزن ميزبان ۽ اداڪارا ناديا خان بالي ووڊ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڀارتي فلم انڊسٽري هاڻي مڪمل طور تي ٻاهرين مواد جي ڪاپي تي هلي رهي آهي.
پنهنجي پروگرام ۾ فلم ”چوڌري“ جي پروڊيوسر نِيهـا لاج سان ڳالهائيندي ناديا چيو ته 2022ع ۾ ٺهيل پاڪستاني فلم جي ڪهاڻي کي هاڻي بالي ووڊ سنجي دت جي ذريعي ٻيهر پيش ڪري رهيو آهي، جيڪا سڌي سنيئن ڪاپي آهي.
هن چيو ته ڀارت تي بين الاقوامي مواد جو جنون سوار آهي، جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته انڊسٽري جي پنهنجي تخليقي صلاحيت ختم ٿي چڪي آهي نه معياري فلمون ٺهي رهيون آهن ۽ نه ئي سٺا گيت اچي رهيا آهن.
ناديا خان چيو ته ڀارتي سئنما وٽ هاڻي حب الوطني جون فلمون ٺاهڻ جي جرئت به ناهي رهي، ڇو ته ڀارتي پاڻ اهڙين فلمن تي ٺٺولون ڪرڻ لڳا آهن، تنهنڪري هاڻي لِياري جهڙا پاڪستاني موضوع سامهون آندا پيا وڃن.
ناديه خان چوڌري اسلم جي شخصيت کي ساراهيندي چيو ته هو وقار ۽ خوداعتمادي جي علامت هئا، سنجي دت هڪ بهترين اداڪار آهي، پر ظاهري شخصيت جي لحاظ سان هو چوڌري اسلم جي ويجهو به نٿو پهچي سگهي.