واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته قازقستان باظابطا طور تي ” ابراهيمي معاهدي“ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي.
اِهو اعلان وائٽ هائوس ۾ وچ ايشيائي ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقات دوران ڪيو ويو، ان موقعي تي قازقستان جو صدر پڻ موجود هو.
آمريڪي صدر ٽرمپ چيو ته قازقستان سندس ٻي صدارتي مدي دوران معاهدو ابراهيمي ۾ شامل ٿيندڙ پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي.
صدر ٽرمپ قازقستان کي شاندار ملڪ ۽ باصلاحيت قيادت رکندڙ قوم قرار ڏيندي چيو ته اِهو فيصلو دنيا ۾ امن، سهڪار ۽ خوشحالي جي واڌاري ڏانهن هڪ اهم وک آهي.
هن وڌيڪ چيو ته جلد ئي اسان ٻين ملڪن کي ابراهيمي معاهدي ۾ شامل ٿيندي ڏسنداسين، جيڪو وچ اوڀر ۾ پائيدار امن آڻيندو.
آمريڪا جي وچ اوڀر بابت خاص نمائندي اسٽيو وٽڪوف به هڪ ڏينهن اڳ اشارو ڏنو هو ته هڪ ٻيو ملڪ ابراهيمي معاهدي ۾ شموليت جو اعلان ڪندو، جنهن تحت اسرائيل ۽ مسلم اڪثريتي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا معمول تي آندا پيا وڃن.
ياد رهي ته ابراهيمي معاهدو 2020ع ۾ ٽرمپ جي پهرئين صدارتي دور ۾ طئي ٿيو هو، جنهن تحت اسرائيل گڏيل عرب امارتن، بحرين، مراڪش ۽ سوڊان سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا هئا.
You might also like