آمريڪي دفاعي ٽيڪنالاجي ڪمپني ”شيلڊ اي آءِ“) هڪ نئون هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي تي آڌاريل بنا پائلٽ وارو جنگي جهاز متعارف ڪرايو آهي، جيڪو ورٽيڪل ٽيڪ آف ۽ لينڊنگ جي صلاحيت رکي ٿو.
آرٽيفيشل انٽيليجنس تي ٻڌل ”ايڪس بيٽ“ نالي هي نئون ڊرون سامونڊي ۽ ڏکئي ماحول ۾ آپريشنن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.
ڪمپني موجب، ڊرون ”هايو مائنڊ ٽيڪنالاجي“ تي ٻڌل آٽوميٽڪ نظام تحت ڪم ڪري ٿو، جيڪو ان کي پاڻمرادو اُڏام، هدف جي نشاندهي ۽ نيويگيشن جي صلاحيت فراهم ڪري ٿو.
ورٽيڪل ٽيڪ آف ۽ لينڊنگ جي خاصيت سبب ” يڪس بيٽ“ ڪنهن به هنڌ تان آپريٽ ڪري سگهجي ٿو ۽ ان کي ٽيڪ آف لاءِ رن وي جي ضرورت ناهي.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته هي جهاز هن وقت تياري جي مرحلي ۾ آهي، مڪمل هٿيارن سان گڏ ان جي آپريشنل حد ٻه هزار ناٽيڪل ميل کان وڌيڪ آهي، ڊرون 26 فٽ ڊگهو ۽ ان جي پرن پکيڙ 39 فٽ آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊرون جو ننڍڙو سائيز ان کي محفوظ رکڻ، هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ منتقل ڪرڻ ۽ لانچ ڪرڻ ۾ آساني مهيا ڪري ٿو، جڏهن ته ان جي ڪارڪردگي روايتي جنگي جهازن جي برابر قرار ڏني پئي وڃي.
ڪمپني موجب ”ايڪس بيٽ“ جي پهرين آزمائشي اُڏام ايندڙ سال متوقع آهي، جڏهن ته ان جي پيداوار 2029ع ۾ مڪمل طور تي شروع ڪئي ويندي.
جيتوڻيڪ هن ڊرون جي قيمت ظاهر نه ڪئي وئي آهي، پر ماهرن جو چوڻ آهي ته هي روايتي پائلٽ وارن جنگي جهازن جي ڀيٽ ۾ گهڻو سستو هوندو.
You might also like