انتهاپسند جماعت تي پابندي لاءِ وفاق کي سفارش ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد/لاهور (بيورو/م ڊ) پنجاب حڪومت 18 آڪٽوبر تائين صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت هر قسم جي جلسن، جلوسن، احتجاجن ۽ ڌرڻن تي پابندي لڳائي وئي آهي.گهرو کاتي موجب، اهو قدم دهشتگردي جي خدشن ۽ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي کنيو ويو آهي. ان کان اڳ پنجاب حڪومت رياستي رٽ ۽ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي انتهاپسند جماعت تي پابندي لڳائڻ جي سفارش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پوليس آفيسرن جي شهادت ۽ اڏاوتن کي نقصان پهچائيندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف دهشتگردي جي عدالتن ۾ ڪيس هلايا ويندا ۽ انتهاپسند جماعت جي قيادت کي دهشتگردي ايڪٽ جي فورٿ شيڊيول ۾ شامل ڪيو ويندو. فيصلو ڪيو ويو ته جماعت جون ملڪيتون ۽ اثاثا اوقاف حوالي ڪيا ويندا، پوسٽرن، بينرن ۽ اشتهارن تي مڪمل پابندي هوندي. نفرت پکيڙيندڙ انتهاپسند جماعت جا سوشل ميڊيا اڪائونٽ بند ۽ سڀ بينڪ اڪائونٽ منجمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي سخت ڪارروائي ۽ افغان شهرين کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي وائرل خبرن موجب، لاھور ۾ جامع مسجد رحمت اللعالمين کي تحويل ۾ ورتو ويو. پنجاب حڪومت کان پوءِ وفاقي سرڪار به سخت قدم کنيو آهي ۽ اسلام آباد ۾ مذهبي جماعتن جون آفيسون۽ مدرسا بند ڪرڻ شروع ڪيا آهن. اطلاعن موجب، مسجدن کي اوقاف کاتي جي تحويل ۾ ڏيڻ جي عمل تي تيزي ڪم جاري آهي. تازين تصويرن ۾ مسجد جا دروازا لاڪ ٿيل حالت ۾ ڏٺا ويا آهن. ان بابت سرڪاري ذريعن کان تصديق موجود ناهي. حڪومت طرفان اهڙا قدم نيشنل سيڪيورٽي ۽ انتها پسندي خلاف مضبوط پاليسي تحت کڻڻ جون دعوائون ڪيون ويون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.