ڪراچي(رپورٽر)پ پ اڳواڻ ۽ ايم اين اي شازيا مري چيو آهي ته ليڊر ڌمڪيون ناهن ڏيندا، اهي خدمت ۽ ڪارڪردگي ڏيکاريندا آهن. پيپلز پارٽي هميشه تنقيد جي باوجود صبر جو رستو اختيار ڪيو آهي ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو جي توجهه هميشه عوام تي رهي آهي ۽ رهندي.شازيا مري جو چوڻ هو ته ڳالهين سان نه پر عملي ڪم سان ئي قيادت نظر ايندي آهي. چيئرمين پيپلز پارٽي مطالبو ڪيو آهي ته فوري رليف بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) ذريعي ڏنو وڃي. هن ياد ڏياريو ته 2022 جي ٻوڏ متاثرن کي بي آءِ ايس پي وسيلي في خاندان 25 هزار رپيا ڏنا ويا هئا، جڏهنتہ 2025 ۾ وزيراعظم شهباز شريف به رمضان پيڪيج لاءِ بي آءِ ايس پي جو ڊيٽا استعمال ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته اسان جي توجهه هاريَن ۽ سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد تي جاري رهندي. وزيراعلیٰ پنجاب کي ياد رکڻ گهرجي ته ليڊر خدمت ڪندا آهن، ڌمڪيون ناهن ڏيندا. قدرتي آفت جي وقت انا ۽ غرور نه پر عوام جي مدد جي اهميت هوندي آهي. اسان عوام لاءِ ڪم ڪندا آهيون ۽ انهن جو رليف اسان جي ترجيح آهي.