لاهور (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ جي پاڪ-ڀارت ميچ ۾ ٽاس کان اڳ ميچ ريفري اينڊي پاءِ ڪرافٽ طرفان ٻنهي ڪپتانن کي ٽاس کانپوءِ هٿ ملائڻ کان روڪڻ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ريفري خلاف وڌيڪ ايڪشن وٺي ڇڏيو.
ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ميچ ريفري اينڊي پاءِ ڪرافٽ کي پنهنجي هوم سيريز مان به ڪڍڻ لاءِ آءِ سي سي کي خط لکي ڇڏيو آهي.
ايندڙ مهيني پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ ۾ سيريز شيڊيول آهي، ميچ آفيشلز ۾ اينڊي پاءِ ڪرافٽ جو نالو ميچ ريفري طور شامل آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان آءِ سي سي کي خط ۾ چيو آهي ته پاڪستان-ڏکڻ آفريقا سيريز دوران اينڊي پاءِ ڪرافٽ جي مقرري قبول ناهي.
واضح رهي ته ڏکڻ آفريقا جي مينز ٽيم آل فارميٽ سيريز لاءِ ايندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪندي.
معاملو ڇا آهي؟
پاڪ-ڀارت ميچ دوران ٽاس وقت اينڊي پاءِ ڪرافٽ پاڪستان جي ڪپتان سلمان آغا کي چيو هو ته ٽاس جي موقعي تي سوريا ڪمار سان هٿ نه ملائيندو، اينڊي پاءِ ڪرافٽ ان کان اڳ پاڪستاني ميڊيا مئنيجر کي چيو هو ته هي سڀ رڪارڊ نه ٿيڻ گهرجي.
ميچ جي پڄاڻي تي مئنيجر نويد اڪرم چيما ٽورنامينٽ ڊائريڪٽر اينڊريو رسل آڏو خدشا ظاهر ڪيا هئا، جنهن جواب ۾ چيو ته اسان کي هدايتون ڀارتي بورڊ کان مليون آهن ۽ پوءِ چيو ته هي اصل ۾ ڀارتي حڪومت جون هدايتون آهن.
ٻئي پاسي پاڪستان ڀارت خلاف ميچ ۾ اختيار ڪيل رويي تي سخت ايڪشن وٺندي واضح ڪيو آهي ته ريفري تبديل نه ڪرڻ جي صورت ۾ پاڪستان ايشيا ڪپ جون باقي ميچون نه کيڏندو.
ذريعن موجب، پي سي بي آءِ سي سي کي واضح لفظن چيو آهي ته جيڪڏهن ميچ ريفري تبديل نه ڪيو ويو ته پاڪستان ايشيا ڪپ ۾ وڌيڪ ڪا به ميچ نه کيڏندو.
ان حوالي سان پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي جو بيان به سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته” پي سي بي آءِ سي سي کي شڪايت ڪئي آهي، ميچ ريفري ڪرڪيٽ جي اسپرٽ جي ابتڙ قدم کنيا آهن، کيس ايشيا ڪپ مان هٽايووڃي.“