اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ جديد ۽ تيز رفتار ٽرين سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن سان اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ سفر رڳو 20 منٽن ۾ طئي ٿيندو.
وفاقي حڪومت اسلام آباد ۽ راولپنڊي وچ ۾ جديد ۽ تيز رفتار ٽرين سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ذريعي جاڙڻ شهرن وچ ۾ سفر رڳو 20 منٽن ۾ طئي ٿيندو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ سي ڊي اي چيئرمين حنيف عباسي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مارگلا کان راولپنڊي صدر تائين ريل منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ٽريڪ ريلوي واري وزارت فراهم ڪندي، جڏهن ته ٽرين سروس جو انتظام سي ڊي اي سنڀاليندي.
حنيف عباسي چيو ته اهو منصوبو شهرين کي تيز، آسان ۽ معياري سفر سهولت فراهم ڪندو، محسن نقوي چيو ته وزيراعظم جو ويزن عوام کي سهولت ڏيڻ آهي ۽ ان منصوبي سان هزارين شهرين کي فائدو ٿيندو.
You might also like