ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا تمنا ڀاٽيا چيو آهي ته ويب سيريز ۾ ڪم ڪرڻ جو تجربو شاندار رهيو.
35 ورهين جي اداڪارا چيو ته سندس ويب سيريز ”ڊو يو وانا پارٽنر“ کي سٺي موٽ ملي رهي آهي، ويب سيريز جي تياري ۾ ٻه ڊائريڪٽر حصو وٺي رهيا آهن ۽ ٻئي شاندار ڪم ڪري رهيا آهن.
ويب سيريز ۾ پنهنجي ڪردار تي روشني وجهندي تمنا ڀاٽيا ٻڌايو ته منهنجو ڪردار جاندار آهي، اهو هڪ اهڙي پروفيشنل عورت جو رول آهي، جيڪا پنهنجي ڪم سان گهڻو لڳاءُ رکندي آهي پر جذباتي به آهي.
You might also like