آمريڪا سميت ٻين ملڪن جي فلم ۽ ٽي وي سان سلهاڙيل 4 هزار فنڪارن مستقل ۾ اسرائيلي پرڊيوسرز سميت اسرائيل سان لاڳاپيل ڪنهن به پروڊڪشن هائوس ۽ فرم سان گڏ ڪم نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
شوبز ويب سائيٽ ”ورائٽي“ موجب اسرائيلي ادارن سان گڏ ڪم نه ڪرڻ جو اعلان ڪندڙ شخصيتن ۾ آسڪر، بافتا، ايمي ۽ پالم ڊي آر ايوارڊ کٽيندڙ اداڪار به شامل آهن.
فنڪارن فلسطيني عوام خلاف اسرائيل جي نسل ڪشي ۽ امتيازي ورتاءَ جي پاليسين خلاف آواز اٿاريندي چيو آهي ته اهي اسرائيلي فلم ادارن ۽ ڪمپنين سان گڏ ڪنهن قسم جو سهڪار نه ڪندا.
فلم ورڪرز فار فلسطين نالي تنظيم طرفان 11 سيپٽمبر تي جاري ڪيل عهد نامي تي 4 هزار کان وڌيڪ اداڪارن، گلوڪارن ۽ هدايتڪارن جون صحيحون هيون.
شروعاتي طور ان عهد نامي تي 1300 ماڻهن صحيحون ڪيون، جن ۾ مشهور هدايتڪار يورگوس لانٿيموس، ايوا ڊوورني، ايڊم ميڪي، بوٽس رائلي، ايما سيليگمين، جوشوا اوپن هائمر، مائيڪ لي ۽ ٻيا شامل هئا.
اداڪارن ۾ مارڪ روفالو، جيوير بارڊيم، اوليويا ڪولمين، ايما اسٽون، آئيو ايڊيبيري، للي گليڊ اسٽون، پيٽر سارسگارڊ، عائشا لو ووڊ، پاپا ايسيڊو، گائل گارسيا برنال، رز احمد ۽ ٻيا شامل هئا.
پوءِ ان فهرست ۾ وڌيڪ نالا شامل ٿيا، جن ۾ جيڪوئن فوينڪس، نڪولا ڪوفلن، اينڊريو گارفيلڊ، هيرس ڊڪنسن، بوئن يانگ، روني مارا، جوناٿن گليزر، ايبون موس، ايرڪ اينڊري، ايليٽ پيج، ايما ڊي آرسي شامل آهن.
فلم ورڪرز فار فلسطين جي بيان موجب ان عهد جو مقصد انهن ادارن کي هدف بڻائڻ آهي، جيڪي نسل ڪشي ۽ امتيازي ورتاءَ کي جائز قرار ڏين ٿا يا ان ۾ اسرائيلي حڪومت سان ڀاڱي ڀائيوار آهن.
تنظيم واضح ڪيو ته اهو عهد اسرائيلي شهرين خلاف نه پر انهن ادارن خلاف آهي، جيڪي فلسطينين سان ناانصافي ۾ ملوث آهن.
فلسطينين سان يڪجهتي، 4 هزار فنڪارن جو اسرائيلي پروڊڪشن هائوسز سان گڏ ڪم نه ڪرڻ جو اعلان
You might also like