راهول ڊريوڊ جو وڏو عهدو قبولڻ کان انڪار، راجسٿان رائلز جي هيڊڪوچنگ به ڇڏي ڏنائين

جئپور (ويب ڊيسڪ)ڀارت کي ٻيو ڀيرو ٽي ٽوئنٽي جو عالمي چيمپيئن بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ راهول ڊريوڊ، انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي ٽيم راجسٿان رائلز جي هيڊ ڪوچ جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، فرنچائز طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته راهول ڊريوڊ کي ٽيم جي ڍانچي (Structural Review) کانپوءِ هڪ ”وڏي عهدي“ آڇ ڪئي وئي هئي، پر اڳوڻي ڀارتي ڪپتان اها آڇ قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”هيڊ ڪوچ راهول ڊريوڊ آءِ پي ايل 2026ع کان اڳ فرنچائز سان پنهنجو مدو مڪمل ڪري وٺندو.“
ڊريوڊ هلندڙ سال آءِ پي ايل شروع ٿيڻ کان اڳ هيڊ ڪوچ طور ٽيم ۾ واپسي ڪئي هئي، پر راجسٿان پلي آف تائين پهچڻ ۾ ناڪام رهي ۽ ميگا ايونٽ ۾ نائين پوزيشن تي رهي.
فرنچائز جي بيان موجب، راهول ڊريوڊ کي ڪيئي ورهين تائين راجسٿان رائلز جي سفر ۾ مرڪزي حيثيت حاصل رهي، سندس قيادت رانديگرن جي هڪ نسل کي متاثر ڪيو، اسڪواڊ ۾ مضبوط قدر پيدا ڪيا ۽ فرنچائز جي ثقافت تي هڪ اڻ مٽ نقش ڇڏيا.
ياد رهي ته راهول ڊريوڊ پهريون ڀيرو 2011ع ۾ رانديگر طور راجسٿان رائلز سان جُڙيو، جڏهن ته 2012ع ۽ 2013ع ۾ ٻن سيزنن تائين ڪپتاني ڪئي، 2014ع ۾ ٽيم ڊائريڪٽر ۽ 2015 ۾ مينٽور طور به خدمتون انجام ڏنيون.
راهول ڊريوڊ پنهنجي شاندار ڪيريئر ۾ 164 ٽيسٽ ميچن ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪندي 13288 رنسون ٺاهيون ۽ 2012 ۾ عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.