ڪراچي (ويب يسڪ) ڪراچي ۾ ”پاڪستان آئيڊل“ جا آڊيشن آچر( 31 آگسٽ ) تي آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيندا.
ملڪي موسيقي جي سڀ کان وڏي مقابلي ”پاڪستان آئيڊل“ جو آڊيشن ميلو 31 آگسٽ تي ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ سجايو ويندو.
سُرسنگيت جي عاشقن لاءِ آڊيشنز جو سلسلو سکر کان شروع ٿيو، پوءِ ملتان، لاهور ۽ راولپنڊي پهتو، جتان اهڙا آواز ۽ سُر سامهون آيا جو ڏسندڙ دنگ رهجي ويندا.
هاڻي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ آڊيشن لاءِ شهر جي هوائن ۾ گٽار جي تارَ، هارمونيم جا سُر ۽ طبلن جي ٿاپ گونجڻ لڳي آهي.
نوجوانن ۾ تجسس ۽ جوش آهي، هر ڪوئي پنهنجي آواز جي جادو جاڳائڻ ۽ دليون کٽڻ جو خواب اکين ۾ سجائي تيارين ۾ رڌل آهي.
You might also like