ملڪ ۾ حياتي بچائيندڙ دوائن جي کوٽ، پي ايم اي خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ حياتي بچائيندڙ دوائن جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي، پاڪستان ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي (ڊريپ) انهن دوائن جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۾ ناڪام رهي.
پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن (پي ايم اي) خبردار ڪيو آهي ته انسولين سميت گهٽ ۾ گهٽ 80 اهم دوائون دستياب ناهن، جن مان 25 جي ڪا متبادل دوا به موجود ناهي.
پي ايم اي موجب انهن دوائن جي کوٽ سبب شوگر، ڪينسر، دل جي مرضن، الزائمر، پارڪنسن ۽ نفسياتي بيمارين سميت ڪيترين ئي بيمارين ۾ وڪوڙيل مريضن جون حياتيون خطري ۾ پئجي سگهن ٿيون، اهو بحران لکين مريضن لاءِ موتمار صورتحال اختيار ڪري ويو آهي.
پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن حڪومت کان فوري طور ۽ فيصلائتا قدم کڻڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڊريپ کي پنهنجي بي عملي تي جوابده بڻايو وڃي.
اداري زور ڏنو ته پيداواري خرچن کي نظر ۾ رکندي نئين ۽ حقيقت پسنداڻي دوا جي اگهن جي پاليسي فوري طور منظور ڪئي وڃي ته جيئن ضروري دوائن جي تياري ممڪن بڻائي سگهجي.
پي ايم اي جو چوڻ آهي ته ڊريپ کي عملي قدم کڻڻا پوندا ته جيئن ان سنگين بحران تي ضابطو آڻي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.