شبنم جي اسحاق ڊار کان پاڪستان ۽ بنگلايش جون ڊائريڪٽ اُڏامون بحال ڪرڻ جي فرمائش

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) ماضي جي مشهور پاڪستاني فلمي هيروين شبنم پاڪستاني حڪومت کان گذارش ڪئي آهي ته هاڻي جڏهن پاڪستان ۽ بنگلا ديش جا لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڊائريڪٽ اُڏامون کي ٻيهر بحال ڪيون وڃن.
هن وقت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪي به سفري پابنديون ته ناهن، پر مسافرن کي سڌي ريت ه فضائي سهولت حاصل ناهي، جڏهن ته اميد آهي ته جلد ئي اها سهولت بحال ڪئي ويندي.
ويجهڙ ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار بنگلاديش جو دورو ڪيو، جيڪو ڏيڍ ڏهاڪي کانپوءِ ڪنهن پاڪستاني پرڏيهي وزير جو پهريون دورو هو.
دوري دوران اسحاق ڊار بنگلاديش جي چيف ايڊوائزر پروفيسر محمد يونس، پرڏيهي صلاحڪار ايم ڊي توحيد حسين، اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون.
ٻنهي ملڪن وچ ۾ 6 معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون پڻ ٿيون، جڏهن ته ڍاڪا ۾ هڪ تقريب دوران اسحاق ڊار شبنم جي اداڪاري جي واکاڻ ڪئي.
ان موقعي تي شبنم به موجود هئي، جتي هن نائب وزيراعظم کي چيو ته پاڪستان ۽ بنگلا ديش وچ ۾ ڊائريڪٽ اُڏامون بحال ڪيون وڃن، ڇو ته اڄ به پاڪستاني مداح کيس فونون ڪندا آهن ۽ بار بار پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏيندا آهن.
ياد رهي ته شبنم 1960 واري ڏهاڪي کان اڳ فلمي ڪيريئر شروع ڪيو هو، لڳاتار 30 سال پاڪستاني فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ پنهنجي بهترين اداڪاري تي کيس اٽڪل ڏيڍ درجن ايوراڊس به مليا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.