شارجا (ويب ڊيسڪ) ٽه ملڪي سيريز جي پهرين ميچ اڄ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.
ٽه ملڪي سيريز اڄ کان شارجا ۾ شروع ٿي رهي، جنهن جي پهرين ميچ پاڪستان ۽ افغانستان جي ٽيمن وچ ۾ پاڪستاني وقت موجب رات اٺين وڳي شروع ٿيندي.
پاڪستان ٽيم لاڳيتو 15 هين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ بابر اعظم ۽ محمد رضوان کانسواءِ ميدان تي لهندي، سيريز ۾ ٽِين ٽيم ميزبان گڏيل عرب امارتن ( يو اي اي) آهي.
پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آگاهه پري سيريز پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته پاڪستان گذريل ٽن سيريز ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي.
سلمان علي آغا جو چوڻ هو ته پاڪستان ٽيم ماضي ۾ به شرجا ۾ کيڏندي رهي آهي، اسان هتي اچي ڀرپور تياري ڪئي آهي ۽ ٽه ملڪي سيريز ۾ بهترين نتيجن لاءِ پراميد آهيون.
هن چيو ته اڳوڻن ڪرڪيٽرز ۽ مداحن جا پنهنجا رايا آهن، پاڪستان جي نئين ٽيم ٺهي رهي آهي، هن ايونٽ ۾ شوقينن کي هڪ سٺي ٽيم کيڏندي نظر ايندي.
پاڪستاني ڪپتان وڌيڪ چيو ته ايشيا ڪپ کان اڳ ٽه ملڪي سيريز کيڏڻ ميگا ايونٽ لاءِ مناسب تياري آهي، اسان جي تياري مڪمل آهي ۽ نتيجا به سٺا ايندا.
سلمان علي آغا قيادت کي پنهنجي لاءِ اعزاز ۽ ذميواري قرار ڏيندي چيو ته شارجا جي گرم موسم ڪو مسئلو ناهي، هڪ رانديگر طور موسم ڪڏهن به جواز نه ٿي سگهي، هر گذرندڙ ڏينهن سان اسان جي ڪارڪردگي بهتر ٿي رهي آهي، قومي ٽيم هن وقت صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي.
You might also like