اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته هن وقت ملڪ جي ٽن درياهن ۾ ٻوڏ جي صورتحال آهي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر سان ملڪ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪ فوج جا جوان ۽ آفيسر هن ڏکئي وقت ۾ قوم سان گڏ بيٺا آهن، فيلڊ مارشل جي هدايت تي پاڪ فوج سڀني متاثر علائقن ۾ ريسڪيو سرگرمين ۾ مصروف آهي.
هن چيو ته ڪرتارپور ۾ ٻيڙين ذريعي ريسڪيو آپريشن جاري آهي، قراقرم هاءِ وي کي کوليو ويو آهي.
ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، ڊي جي آءِ ايس پي آر جي هنگامي پريس ڪانفرنس، قوم سان گڏ آهيون: پاڪ فوج
You might also like