فيسبڪ جا اُهي 13 ” ڳُجها “ فيچر جن بابت واهپيدارن کي خبر ئي ڪونهي

فيس بڪ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ مشهور سوشل ميڊيا پليٽفارم آهي، جنهن جا اربين واهپيدار آهن، ان ۾ ڪيترائي اهڙا فيچرز موجود آهن جن بابت گهڻن ماڻهن کي خبر ئي ناهي هوندي، پر انهن بابت ڄاڻڻ لازمي آهي.
هيٺ ڪجهه اهم ۽ ”ڳُجهن فيچرز“ جو تفصيل ڏنو پيو وڃي جن بابت ڄاڻي واهپيدار وڌيڪ لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا.

فيس بڪ جو ڳجهو ان باڪس
فيس بڪ ۾ هڪ ”ميسج ريڪوئسٽ“ نالي فولڊر هوندو آهي، جتي اهڙا پيغام ايندا آهن، اِهي پيعام اهڙن مانهن طرفان موڪليا ويندا آهن جيڪي توهان جي دوستن جي فهرست ۾ شامل ناهي هوندا ۽ اڪثر هتي ڪيئي سال پراڻا ان ريڊ پيغام ملي سگهن ٿا.

فرينڊ ريڪوئسٽ جو رڪارڊ
توهان کي ڄاڻڻ گهرجي ته ڪهڙن ماڻهن کي توهان فرينڊ ريڪوئسٽ موڪلي پر قبول نه ڪئي وئي؟ اهو سڀ ڪجهه facebook.com/friends/requests تي موجود آهي.

ماڻهن کي فرينڊ لسٽ مان ڪڍڻ کان سواءِ “Unfollow” ڪيو
فيس بڪ فرينڊز حقيقت ۾ توهان جا حقيقي دوست ناهن هوندا، بس اڪثر سڃاڻپ تي انهن کي ايڊ ڪيو ويندو آهي.
پر پوءِ انهن کي ڪانٽيڪٽ مان ڊليٽ ڪرڻ ڪجهه وڌيڪ سٺو محسوس نٿو ٿئي ته ان جو حل سادو آهي، بس انهن کي “Unfollow” ڪيو.
اهڙي انهن جون پوسٽون توهان جي نيوز فيڊ تي نظر نه اينديون جڏهن ته فيس بڪ فرينڊز جي حيثيت برقرار رهندي.
ان لاءِ اهڙي فرد جي پروفائل پيج ۾ وڃي “Friends menu” ۾ “Unfollow” تي ڪلڪ ڪريو، کيس ان جو پتو به نه پوندو.
ان کان به آسان طريقو اهو آهي ته توهان فيس بڪ سائيٽ تي کاٻي پاسي “Friends tab” ۽ پوءِ “All friends” تي ڪلڪ ڪريو.
ان کان پوءِ کاٻي پاسي سڀ فيس بڪ فرينڊز جا نالا ظاهر ٿيندا، انهن جي سامهون “Three dot menu” تي ڪلڪ ڪري توهان “Unfollow” ڪري سگهو ٿا.

ڪير اڪائونٽ ۾ لاگ ان ٿيو؟
سيٽنگز ۾ وڃي ”سڪيورٽي اينڊ لاگ ان“ وارو آپشن کوليو، جتي توهان ڏسي سگهو ٿا ته ڪهڙن ڊوائيسز تان توهان جو اڪائونٽ لاگ ان آهي. شڪي انٽري کي اتي جو اتي ئي لاگ آئوٽ ڪري سگهجي ٿو.

پرائيويسي چيڪ اپ
سيٽنگز ۾ ”پرائيويسي چيڪ اپ“ ذريعي توهان ڏسي سگهو ٿا ته ڪهڙا ماڻهو توهان جو مواد ڏسي سگهن ٿا ۽ ان کانسواءِ توهان اشتھاري ترجيحون به سيٽ ڪري سگهو ٿا.

دوستن کي پوسٽ ڏسڻ کان روڪيو
توهان اهو طئي ڪري سگهو ٿا ته ڪير توهان جون فيسبڪ پوسٽون ڏسي، جنهن لاءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ۾ Everyone، Friends، Friends of friends ۽ Just specific people جا آپشنز موجود آهن.
جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته توهان جا ڪجهه ” دوست“ پوسٽون نه ڏسن ته انهن جي رسائي روڪڻ ممڪن آهي.
ان لاءِ اهڙي دوست جي پروفائل ۾ وڃو ۽ اتي “Friends” بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو جيڪو “Message” ۽ “Search” بٽڻن جي ڀرسان هوندو.
“Friends” بٽڻ تي ڪلڪ ڪري “Edit friends list” ۽ پوءِ “Restricted” سيلڪٽ ڪريو.
اهڙي طرح اهو دوست توهان جون پوسٽون نه ڏسي سگهندو، ها، پر جيڪڏهن توهان ڪا پبلڪ پوسٽ ڪندئو ته پوءِ هو ضرور ڏسي سگهندو.
توهان طئي ڪري سگهو ٿا ته ڪهڙا دوست توهان جون پوسٽون ڏسي سگهن ۽ ڪن مخصوص ماڻهن لاءِ رسائي محدود ڪجي.

ان فالو ڪرڻ جو آپشن
جيڪڏهن ڪنهن جي پوسٽون ڏسڻ نٿا چاهيو پر دوستي به ختم نه ڪرڻ چاهيو، ته ان کي”ان فالو“ ڪري ڇڏيو ۽ کيس خبر به نه پوندي.

پوسٽون محفوظ ڪرڻ
دلچسپ پوسٽ بعد ۾ ڏسڻ لاءِ محفوظ ڪري سگهجي ٿي، جيڪا پوءِ ”Saved“ فولڊر ۾ ڳولڻ سان ملي ويندي.
ان لاءِ “Settings & privacy”، “Settings”، “Account center”، “Your information & permissions” ۽ پوءِ “Download your information” تي ڪلڪ ڪريو.

ڪيترو وقت فيسبڪ تي گذري ٿو؟
”Your Time on Facebook“ آپشن سان روزاني استعمال جو چارٽ ڏسي سگهجي ٿو.

پنهنجي اشتهاري ترجيح ايڊٽ ڪريو
فيس بڪ طرفان اڪثرواهپيدارن جي دلچسپين جو تعين ڪري اشتهار ڏيکارڻ جو فيصلو ڪيو ويندو آهي، پر توهان به ائين ڪري سگهو ٿا.
ان لاءِ “Accounts center” ۾ “Ad preferences” واري آپشن ۾ وڃو.
اتي “Customize ads” ۾ توهان ڏسي سگهو ٿا ته فيس بڪ طرفان توهان کي ڪهڙا اشتهار ڏيکاريا پيا وڃن، “Ad topics” تي ڪلڪ ڪري توهان ڏسي سگهو ٿا ته فيسبڪ جي خيال ۾ ڪهڙن اشتهارن ۾ توهان کي دلچسپي ٿي سگهي ٿي.
“Ad topics” ۾ هيٺ “See less” تي ڪلڪ ڪري توهان طئي ڪري سگهو ٿا ته توهان ڪهڙا اشتهار گهٽ ۾ گهٽ ڏسڻ چاهيو ٿا.
“Customize ads” جي برابر ۾ “Manage info” جو آپشن موجود هوندو.
ان کي توهان فيسبڪ کي گهٽ ۾ گهٽ ڊيٽا مهيا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهو ٿا.

فيس بڪ سان جڙيل ايپس ڊليٽ ڪريو
اڪثر ماڻهو مختلف ايپس ۾ لاگ ان ٿيڻ لاءِ فيس بڪ لاگ ان استعمال ڪندا آهن ۽ پوءِ وساري ڇڏيندا آهن ته ڪهڙين ايپس يا ويب سائيٽس تي توهان فيس بڪ کي لاگ ان لاءِ استعمال ڪيو آهي.
ان لاءِ “Settings” ۾ وڃي کاٻي پاسي “Apps & websites” آپشن تي ڪلڪ ڪريو.
اتي انهن سڀني ايپس ۽ سائيٽن جي فهرست موجود هوندي جيڪي توهان جي فيسبڪ لاگ ان کي استعمال ڪنديون آهن.
توهان انهن سڀني کي فيس بڪ استعمال ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ remove ڪري سگهو ٿا.

آٽو پلي وڊيوز کي بند ڪريو
جيڪڏهن توهان کي پسند ناهي ته فيس بڪ تي اسڪروولنگ دوران وڊيوز پاڻمرادو هلڻ شروع ٿين ته هن فيچر کي روڪي ڇڏيو.
ان لاءِ “Settings” ۾ وڃي کاٻي پاسي موجود “Media” آپشن تي ڪلڪ ڪريو.
اتي “Auto play animation” جو آپشن هوندو، ان کي بند ڪريو.

اڻ وڻندڙ نوٽيفڪيشنز کي بند ڪريو
جيڪڏهن توهان کي پسند ناهي ته فيس بڪ جي طرفان ٻڌايو وڃي ته اڄ ڪنهن جو سالگرهه آهي يا ڪهڙو ايونٽ آهي يا ماضي ۾ اڄ جي ڏينهن توهان ڇا ڪيو، ته اهڙن نوٽيفڪيشنز کي روڪڻ ممڪن آهي.
بسفيس بڪ سيٽنگز ۾ وڃي کاٻي پاسي “Notifications” تي ڪلڪ ڪريو، اتي توهان جي اڳيان ڪيترائي نوٽيفڪيشن آپشنز موجود هوندا جن کي توهان بند ڪري سگهو ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.