ڪرپشن ۽ ڦرلٽ تان ڌيان هٽائڻ لاءِ نون صوبن جو راڳ شروع ڪيو ويو آهي: وڪيلن جو موقف

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي ناميارن وڪيلن چيو آهي ته سنڌ جي جاگرافي ۽ قومي تشخص تي وار جا انتهائي خطرناڪ نتيجا نڪرندا، تجربا ڪري ملڪ کي ٻه ٽڪرا ڪيو ويو, پر اڃا تائين حڪمران طبقن جا تجربا جاري آهن ان سلسلي ۾ عوامي آواز سان ڳالهائيندي نامياري قانوندان ۽ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر سجاد احمد چانڊيو چيو ته پاڪستان کي تجربي گاهه بڻايو ويو آهي، جنرل يحيٰ،  ايوب ۽ ضياءَ کان وٺي هيستائين سمورن غير جمهوري يا جمهوريت جي نالي ۾ ايندڙ حڪمرانن پنهنجا سسٽم متعارف ڪرايا، انهن جي تجربن ۽ عوام دشمن فيصلن جي ڪري پاڪستان ٻه ٽڪرا ٿي ويو، هنن جا اڄ ڏينهن تائين ٿيل سمورا تجربا ناڪام ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان دنيا جو شاهوڪار ملڪ هجڻ گهرجي ها، پر هنن جي تجربن پاڪستان کي اچي پن تي رسايو آهي، پاڪستان ۾ ڪجهه بچيو ئي ناهي. هن چيو ته ملڪ ۾ نون صوبن جي ڳالهه به عوام جي بنيادي مسئلن تان ڌيان هٽائي نوان خواب ڏيکارڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش آهي، ملڪ جي سڄي بيوروڪريسي، ججن، وزيرن، مشيرن ۽ اعليٰ عهديدارن جون پگهارون، پينشنون ۽ مراعتون 6 سئو سيڪڙو تائين وڌايون ويون آهن ۽ غريب ۽ مسڪين ماڻهو مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيا آهن، حڪمران طبقا پنهنجي ڦرلٽ ۽ عياشي تان ڌيان هٽائڻ  لاءِ نون صوبن جو راڳ شروع ڪري رهيا آهن. هن چيو ته جيڪي نوان صوبا ٺاهڻ جون ڳالهيون ڪري سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن انهن کي ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ پاڪستان جو باني صوبو آهي، سنڌ کي هنن کڻي هڪ صوبي جي حيثيت ڏني پر سنڌ هزارين سالن کان هڪ تاريخي وطن رهيو آهي، جنهن جي جاگرافي ۽ قومي تشخص خلاف جيڪڏهن ڪنهن سازش تي عمل ڪيو ويو ته ان جا نتيجا انتهائي ڀيانڪ نڪرندا. هن چيو ته سنڌ کي لساني ۽ انتظامي طور تي ورهائڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي ته ان خلاف سخت مزاحمت ٿيندي ۽ سنڌي قوم سنڌ جي وحدت تي وار برداشت نه ڪندي. نامياري قانوندان ۽ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ايڊووڪيٽ غلام رسول سوهو چيو ته سنڌي قوم سنڌ جي وحدت خلاف ٿيندڙ هر سازش کي ناڪام بڻائيندي، ملڪ ۾ نون صوبن جي ڳالهه ڪرڻ غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، جيڪي اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته ماڻهن جو ٻين مسئلن تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ صوبن جو شوشو ڇڏيو ويو آهي, پر سنڌي قوم سنڌ جي وحدت جي حوالي سان انتهائي حساس آهي, جيڪڏهن حڪمران طبقا نون صوبن جي سازش ڪري رهيا آهن ته اها انهن جي وڏي غلطي هوندي. هن چيو ته ملڪ جا معاشي مسئلا حل ڪرڻا آهن ته سڀ کان پهريان ڪرپشن کي ختم ڪيو وڃي ۽ نااهل حڪمرانن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ گهرجي, قومن جي تاريخي وطنن خلاف سازشون نه ڪيون وڃن. نامياري قانوندان ايڊووڪيٽ سچل اعواڻ چيو ته ملڪ ۾ نوان صوبا نٿا ٺهي سگهن, سنڌ ڪو صوبو نه پر تاريخي طور تي سنڌي قوم جو وطن رهيو آهي, سنڌ ان 40ع واري قرارداد تحت پاڪستان ۾ شامل ٿي هئي، جنهن ۾ هڪ رياست بجاءِ رياستن جو ذڪر هو, پر ان کان انڪار ڪيو ويو, 73ع جو آئين به تڪراري هو, جنهن قومن کان سندن شناخت کسي. هن چيو ته اهو ممڪن ئي ناهي ته سنڌ جي ورهاست ٿي سگهي، جيڪي اهو خواب ڏسن ٿا, اهي ناڪام ويندا. هن چيو ته سنڌ جي حالتن کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي سياسي قيادت، وڪيلن, صحافين ۽ ساڃاهه وند ڌرين کي عقلمندي ۽ نظرياتي سچائي سان سنڌ جي قومي مفادن, شناخت ۽ جاگرافي جي تحفظ جي لاءِ مستقل مزاجي سان وڏا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي ڊسٽرڪٽ بار بدين جي جنرل سيڪريريٽري ۽ آل سنڌ وڪلا ايڪشن ڪميٽي جي ميمبر ايڊووڪيٽ امير آزاد پنهور چيو ته پاڪستان قومي وحدتن جي رضاڪارانه الحاق جي نتيجي ۾ ٺهيو، قومن جا تاريخي وطن هن ملڪ جو حصو بڻيا، جيڪڏهن قومن جي تاريخي وطنن جي وحدت ۽ جاگرافي خلاف ڪا سازش ڪئي وئي ته ان جا نتيجا انتهائي خراب نڪرندا. هن چيو ته نون صوبن جي ڳالهه ڪرڻ انتشار پکيڙڻ جي سازش آهي، سنڌي قوم سنڌ جي وحدت جي حوالي سان انتهائي حساس آهي, ان ڪري سنڌ جا ماڻهو سنڌ جي وجود خلاف ٿيندڙ هر سازش خلاف مزاحمت ڪندا. هن چيو ته موجوده حڪومتي دور ۾ ڪيترائي غير آئيني ڪم ٿيا آهن ۽ هي اڃا به وڌيڪ غير آئيني ڪم ڪرڻ چاهين ٿا. ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي خزانچي, آل سنڌ وڪلا ايڪشن ڪميٽي ۽ سنڌ انڊيجينيئس رائٽس الائينس جي ميمبر ايڊووڪيٽ حسيب پنهور چيو ته نون صوبن جي ڳالهه ڪرڻ جي پٺيان حڪمران جا ٻيا ڪي مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي سگهي ٿي يا وري هو سنڌي قوم جو ري ايڪشن ڏسڻ چاهين ٿا، پر کين ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن به سنڌ جي ماڻهن مزاحمت جو رستو اختيار ڪيو آهي ته سنڌ دشمن قوتن کي پوئتي هٽڻو پيو آهي. سنڌ جا ماڻهو سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهن ٿا ۽ پنهنجي وطن جي وحدت جي حفاظت به ڪندا. جيڪڏهن سنڌ جي وحدت خلاف ڪا سازش ڪئي وئي ته پوءِ سنڌ جي مزاحمت کي کين منهن ڏيڻو پوندو, سنڌ ڪينالن واري مسئلي تي به پنهنجي پرامن عوامي مزاحمت جي هڪ جهلڪ ڏيکاري چڪي آهي، جيڪي صوبن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا انهن جي هٿن مان شيون نڪري وينديون، ان ڪري اهڙي حرڪت ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌي قوم آڏو جڏهن سنڌ جي مالڪي جو مسئلو آيو ته قوم هر قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار ٿي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.