آمريڪا، پاڪ-ڀارت سرگرمين جي ” هر وقت“ نگراني ڪري ٿو، ڪير ڇا پيو ڪري سڀ ڄاڻون ٿا: مارڪ روبيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيل تازي ڇڪتاڻ کانپوءِ ٿيل جنگبندي تي آمريڪا جي هر وقت نظر آهي ۽ هو ان جي روزاني نگراني ڪري ٿو.
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي روبيو چيو ته جنگبندي جو واحد طريقو اِهو آهي ته جيڪڏهن تڪرار ۾ شامل ڌريون هڪٻئي تي فائرنگ بند ڪرڻ تي راضي ٿي وڃن ( ته اِها جنگبندي آهي) ۽ روس اڃا تائين ان تي اتفاق ناهي ڪيو.
سندس چوڻ هو ته جنگبندي جي پيچيدگين مان هڪ اها آهي ته ان کي برقرار رکڻو پوي ٿو، جيڪو هڪ ڏکيو ڪم آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته ” اسان هر روز نگراني ڪندا آهيون ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇا پيو ٿئي؟ ڪمبوڊيا ۽ ٿائيلينڊ جي وچ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ؟“
روس-يوڪرين تڪرار بابت ڳالهائيندي روبيو چيو ته جنگبندي تمام جلدي ٽٽي سگهي ٿي، خاص طور تي اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ساڍن ٽن سالن کان جنگ هلي رهي هجي، پر مان نٿو سمجهان ته ڪو به ان ڳالهه سان اختلاف ڪندو ته اسان مستقل جنگبندي جي ڪوشش نه پيا ڪريون. اسان جو مقصد هڪ امن معاهدي تائين پهچڻ آهي، جيئن نه رڳو هاڻي پر مستقبل ۾ به جنگ نه ٿئي.
ان کان اڳ فاڪس نيوز سان ڳالهائيندي آمريڪي پرڏيهي وزير ڀارت ۽ پاڪستان جي تازي فوجي تڪرار جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته ” اسان ڏاڍا خوش قسمت آهيون ۽ اسان کي اهڙي صدر جو ٿورائتو ٿيڻ گهرجي جنهن امن کي پنهنجي انتظاميا جي ترجيح بڻايو آهي، اسان اهو ڪمبوڊيا ۽ ٿائيلينڊ ۾ ڏٺو، اسان اهو ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڏٺو، اسان اهو روانڊا ۽ ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو ۾ ڏٺوآهي ۽ اسان دنيا ۾ امن لاءِ هر ممڪن موقعو استعمال ڪندا رهنداسين.“
واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 10 مئي تي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي اعلان ڪيو هو ته ڀارت ۽ پاڪستان واشنگٽن جي ٽياڪڙي ۾ ٿيل ” ڊگهي ڳالهه ٻولهه“کانپوءِ مڪمل ۽ ترت جنگبندي تي راضي ٿي ويا آهن.
ان کانپوءِ ٽرمپ لڳ ڀڳ 40 ڀيرا اِها دعويٰ ڪري چڪو آهي ته هن ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تڪرار کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي ۽ ٻنهي جوهري هٿيارن سان ليس پاڙيسرين کي چيو آهي ته جيڪڏهن هو تڪرار بند ڪندا ته آمريڪا انهن سان وڌيڪ ڪاروبار ڪندو.
ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پنهنجي پارليامينٽ ۾ چيو آهي ته ”آپريشن سندور“ کي روڪڻ ۾ ڪنهن به ملڪ جي اڳواڻ جي ٽياڪڙي ناهي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.