حافظ آباد (ويب ڊيسڪ) حافظ آباد ۾ ٽن ڄڻن کي قتل ڪري لاش ساڙڻ واري واقعي ۾ مک جوابدار کي پرڏيهه فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران گرفتار ڪيو ويو.
پوليس موجب، جوابدار قطر وڃڻ لاءِ اسلام آباد ايئرپورٽ تي موجود هو جتي کيس گرفتار ڪيو ويو. گرفتاري کان پوءِ کيس ونيڪي تارڙ پوليس اسٽيشن حوالي ڪيو ويو آهي، جتي کائنس وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آهي.
ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ جوابدار ٽن ڄڻن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ گاڏي کي باهه ڏئي ڇڏي هئي. مقتولن ۾ هڪ اسپين کان آيل شخص ۽ هڪ پوليس ڪانسٽيبل به شامل هئا.
پوليس موجب، واقعي جو ڪيس 16 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، جن مان 8 اڻڄاتل آهن، جڏهن ته ٻين جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.