چوماسي برساتن دوران ملڪ ۾670 ڄڻا فوت، ”ڪلائوڊ برسٽ جا وڌيڪ واقعا پيش اچي سگهن ٿا“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽننٽ جنرل انعام حيدر چيو آهي ته پاڪستان ۾ تازين چوماسي برساتن دوران 670 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 80 کان 90 ماڻهو اڃا تائين گم آهن.
موسمياتي تبديلي بابت وفاقي وزير مصدق ملڪ ۽ سڌ سماءَ واري وزير عطاالله تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران اين ڊي ايم اي چيئرمين ٻڌايو ته هن سال چوماسي جي مختلف واقعن ۾ اٽڪل 670 ماڻهو فوت ٿيا، جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.
ليفٽننٽ جنرل انعام حيدر موجب، 80 کان 90 ماڻهو اڃا تائين گم آهن ۽ جيڪڏهن لاپتا ماڻهن جو جلد ڪو پتو نه پيو ته انهن کي به فوتين ۾ شامل ڪيو ويندو.
هن چيو تازين برساتن جو سلسلو 23 آگسٽ تائين جاري رهندو ۽ ان دوران صورتحال وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگهي ٿي، هن خبردار ڪيو ته ڪڪر ڦاٽڻ (ڪلائوڊ برسٽ) جا وڌيڪ واقعا به پيش اچي سگهن ٿا.
اين ڊي ايم اي چيئرمين جو چوڻ هو ته هلندڙ مهيني 23 آگسٽ کان آخر تائين ۽ سيپٽمبر جي شروعاتي ڏهن ڏينهن دوران چوماسيءَ جا ٻه وڌيڪ اسپيل اچڻ جا امڪان آهن.
سندس چوڻ هو ته 10 سيپٽمبر کانپوءِ صورتحال هوريان هوريان بهتر ٿيڻ شروع ٿيندي ۽ مهيني جي آخر تائين معمول تي اچي ويندي.
موسمياتي تبديلي واري وزير مصدق ملڪ چيو ته حڪومت هڪ گڏيل انٽيگريٽڊ طريقيڪار آڻي رهي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ هن وقت موسمياتي اڳڪٿي جا مختلف ننڍا ننڍا نظام لڳل آهن، ڪٿي گلوف الرٽ جو نظام آهي، ڪٿي موسم جي اڳڪٿي ۽ ڪٿي سيٽلائيٽ. اهي سڀ انٽيگريٽ ٿيندا ته جيئن ماڻهن کي وقت کان اڳ خبردار ڪري سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.