واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گهٽ ۾ گهٽ پنج يورپي ملڪن جي اڳواڻن سان گڏ يورپي يونين ۽ نيٽو جي سربراهن سان ملڻ کان اڳ يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي سان ملاقات ڪندو، اِهو وائيٽ هائوس ۾ يوڪرين جي اهم حمايتين طرفان اتحاد جو هڪ غيرمعمولي مظاهرو آهي، ڇو ته زيلنسڪي وڏن خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي.
برطانوي ميڊيا جي هڪ رپورٽ موجب، الاسڪا سربراهي اجلاس کانپوءِ ٽرمپ روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي موقف کي اڳتي وڌايو آهي، جنهن سبب هڪ هلچل پيدا ٿي سگهي ٿي. جنهن کي يورپي اڳواڻ هر قيمت تي روڪڻ چاهين ٿا.
ٽرمپ چيو آهي ته روس يوڪرين جي ڪريميا ٻيهر واپس حاصل ڪرڻ ۽ نيٽو ۾ شموليت جي امڪان کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي.
پيوٽن اوڀر ۾ ڊونباس جي سموري علائقي تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، پر زيلنسڪي ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته هو اهڙي قسم کي جي قدم کي تسليم نه ڪندو.
يوڪريني صدر کي اڄ تمام گهڻي احتياط ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي ملڪ جو وڌ کان وڌ حصو پنهنجي قبضي ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪندي ساڳي وقت صدارتي ڪاوڙ ۽ الزام تراشي واري صورتحال کان بچڻو پوندو، جيڪا کيس فيبروري ۾ اوول آفيس ۾ منهن ڏيڻي پئي هئي.
پر ان باوجود به گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڳالهه سندس حمايت ۾ وڃي سگهي ٿي.
ٽرمپ انتظاميا هاڻي وڌيڪ روسي جارحيت کي روڪڻ لاءِ يورپ کي سيڪيورٽي گارنٽي ڏيڻ لاءِ تيار نظر اچي رهي آهي.
You might also like