وزيراعظم پاران سمورين جماعتن کي ميثاق استحڪام پاڪستان جو حصو بڻجڻ جي دعوت

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان جي 78هين جشنِ آزادي ۽ معرڪا حق ۾ ڪاميابي جي مناسبت سان اسلام آباد جي جناح گرائونڊ ۾ عظيم الشان تقريب ٿي، جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ فِيلڊ مارشل سيد عاصم منير سميت اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت شرڪت ڪئي، ان کان سواءِ دوست ملڪن جا سفير به تقريب ۾ شريڪ ٿيا، جڏهن ته وفاقي وزير، ايوانن جا ميمبر ۽ شهرين جي وڏي انگ به تقريب ۾ شرڪت ڪئي، تقريب ۾ دفاع وارو وزير خواجا آصف، گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات وارو وزير عطا تارڙ، وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف، خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري ۽ سينيئر وزير مريم اورنگزيب شرڪت ڪئي، تقريب دوران ٽنهي هٿياربند فوجن تي مشتمل ميوزڪ بينڊ شاندار مارچ پاسٽ جو مظاهرو ڪيو، جڏهن ته پنجاب رينجرز ۽ ايف سي خيبرپختونخوا جا دستا به مارچ پاسٽ ۾ شامل ٿيا، پروقار تقريب ۾ پريڊ ڪمانڊر ليفٽيننٽ ڪرنل محمد عمر اعواڻ صدرِ آصف علي زرداري کي پريڊ پيش ڪئي، جڏهن ته پريڊ پاران خصوصي مهمان کي سلامي ڏني وئي، تقريب دوران پاڪ فضائيه جي جهازن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، ڪرتب ڏيکاريا، ترڪيه ۽ آذربائيجان جي فوجي دستن به پاسٽ مارچ ڪيو، تقريب دوران دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪندڙ هيروز کي خاص انڪلوزر ۾ ويهاريو ويو، انهن شخصيتن جو تعلق مختلف شعبن، صوبن ۽ قوميتن سان هو، جڏهن ته وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ سڀني کي سياست جو حق آهي پر رياست خلاف بغاوت جو نه،اڄوڪي عظيم ڏينهن تي سمورين سياسي جماعتن،اسٽيڪ هولڊرن ۽ سول سوسائٽي کي ميثاق استحڪام پاڪستان جو حصو بڻجڻ جي دعوت ڏيان ٿو، هن چيو ته اسان جشن آزادي کي معرڪه حق جو نالو ڏنو آهي،چارڏينهن اندر ڀارت جو غرور مٽي ۾ ملي ويو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.