ٽرمپ ڇو، حڪومت پاڻ تيل ۽ گئس ذخيرن بابت ڇو نٿي ٻُڌائي؟: پ پ ايم اين ايز

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان ۾ تيل ۽ گئس جي ذخيرن بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي قومي اسيمبلي ۾ ڏيان ڇڪايو نوٽيس تي بحث ڪيو ويو، پيپلز پارٽي جي ميمبرن سوال اٿاريو ته پاڪستان ۾ وڏي تيل جي ذخيري بابت ٽرمپ جي بيان جي حقيقت ڇا آهي؟ آمريڪي صدر اسان کي پاڪستان ۾ ذخيرن جو ٻڌائي پيو، پر اسان جي حڪومت پاڻ ڇو نٿي ٻڌائي؟ پيٽروليم بابت مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ جواب ۾ چيو ته پاڪستان تازو ئي ڪويت، ترڪي سميت ڪيترين ئي تيل ڪمپنين کي تيل جي تلاش جي اجازت ڏني آهي، تيل جا ذخيرا موجود آهن پر هاڻي تيل ڪمپنيون تلاش جو ڪم شروع ڪن، ان کان پوءِ صحيح طور ٻڌائي سگهنداسين، هن وڌيڪ ٻڌايو ته سوئي گيس کان به وڏا 3 گيس فيلڊ دريافت ٿيا آهن، حيدرآباد ۾ تيل ۽ گيس جي تلاش جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، چين ۽ آمريڪا وٽ اها ٽيڪنالاجي موجود آهي جيڪا تيل ۽ گيس جي موجودگي جلد ظاهر ڪري ٿي، پ پ جي ڊاڪٽر نفيسا شاهه پُڇيو ته حڪومت ٻڌائي ته ٽرمپ چئي پيو ته هڪ ڏينهن پاڪستان ڀارت کي تيل برآمد ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته اسان جا وزير چون ٿا ته اڃا پتو پوندو ته پاڪستان وٽ تيل ۽ گيس جا ڪهڙا ذخيرا آهن، ڇا آمريڪي صدر ڀارت کان ڪجهه مڃرائڻ لاءِ دٻاءُ وجھڻ خاطر اهڙا ٽوئيٽ ڪري رهيو آهي؟ پيپلز پارٽي جي سيد نويد قمر سوال اٿاريو ته ڇا آمريڪا کان سواءِ به ٻين ملڪن کي تيل جي تلاش جا موقعا ڏنا ويندا؟ جنهن تي وزير پيٽروليم چيو ته مختلف تيل ڪمپنين کي موقعا ڏنا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.