ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ رمضان آباد گارڊن ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالتي حڪم تي ڪي ايم سي ۽ ايس بي سي اي آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت ايس بي سي اي جي عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته عمارت 2000 ۾ ٺاهي وئي هئي، توهان هاڻي تائين ڪهڙي ڪارروائي ڪئي آهي؟ ايس بي سي اي ڊائريڪٽر چيو ته معاملو صرف نوٽيس ۾ آيو آهي، عدالتي حڪم تي ڪارروائي ڪئي ويندي، عدالت چيو ته توهان پنهنجو ڪم نه ڪندا؟ عدالتي حڪم جي ضرورت ڇو آهي؟ عدالت چيو ته جيڪڏهن ڪو مري ٿو ته مري ٿو، جيڪڏهن عدالت حڪم ڏئي ته توهان ڪم ڪندا، جسٽس اقبال ڪلهوڙي چيو ته توهان جو ڪم صرف ٽيبل هيٺان پئسا ڪمائڻ آهي، ايس بي سي اي حڪومت جو سڀ کان بدنام ادارو آهي، ايس بي سي اي آفيسرن لاءِ دوزخ ۾ هڪ خاص جاءِ هوندي، غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي ڪريو ۽ رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرايو، عدالت ايس بي سي اي کان 16 سيپٽمبر تائين عملدرآمد رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.