حيدرآباد (پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع حيدرآباد پاران ايس ٽي پي جي شهيد دلشاد ابڙو ۽ نصرت حسين چن جي ورسي جيياد ۾ ترقي پسند هائوس حيدرآباد ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته شهيد دلشاد ابڙو وطن جي حدن جي حفاظت ڪندي پنهنجي جان قربان ڪئي، سندس قرباني سان سنڌ تي مڙهيل ٻٽو مڪاني نظام ختم ٿيڻ جي راهه هموار ٿي، نصرت حسين چن هڪ ذميوار ۽ درد رکندڙ سنڌي ساٿي هو، جنهن جو قومي جدوجهد ۾ ڪردار هميشه ياد رهندو، هن زور ڀريو ته ايم ڪيو ايم هميشه سنڌ جي دشمن رهي آهي ۽ اڄ به سنڌ جي مفادن خلاف سازشون جاري رکي رهي آهي، فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال ۽ خالد مقبول صديقي اسيمبلي ۾ نون انتظامي يونٽن جي قيام لاءِ بل پيش ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ پي پي پي مٿي کان ٻانهن ڏيئي ستي پئي آهي. پي پي پي ۽ ايم ڪيو ايم گڏجي سنڌ جي مفادن کي نقصان پهچائڻ ۾ پنهنجا قدم گڏ کڻي رهيا آهن، ڪراچي ۾ هڪ دهشتگرد اجرڪ جي توهين ڪري سنڌي قوم خلاف بڪواس ڪري رهيو آهي اهڙن سان ياري رکندڙ به سنڌ جا دشمن ۽ غدار آهن، پي پي پي پنهنجي مفادن خاطر سنڌ تي نسل پرست گورنر کي قبول ڪيو آهي، جيڪو گورنر هائوس ۾ ويهي نفرت ۽ تفرقي کي فروغ ڏئي رهيو آهي، اسان وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته هن نسل پرست گورنر کي فورن هٽايو وڃي، هن واضح ڪيو ته سنڌ کي بدامني ، منشيات فروشي ۽ ڪرپشن عروج تي آهي. پي پي پي جا چونڊيل نمائندا منشيات جي ڪاروبار ۾ شامل آهن، ان موقعي تي هوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ، قادر چنا، ڊاڪٽر احمد نوناري، عاشق سولنگي، پير گنبل شاھ ، جان محمد جوڻيجو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.