ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار فيصل خان وڏو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته سندن ڀاءُ ۽ مشهور اداڪار عامر خان کيس هڪ سال تائين گهر ۾ بند ڪري ڇڏيو هو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، هڪ انٽرويو ۾ فيصل خان ماضي ساريندي ٻڌايو ته ڪجهه سال اڳ عامر خان کيس ممبئي ۾ پنهنجي گهر ۾ هڪ سال تائين بند ڪري ڇڏيو هو.
فيصل خان موجب، ڪٽنب طرفان کيس ٻڌايو ويو ته مون کي دماغي بيماري (شيزوفرينيا) ٿي وئي آهي، جنهن سبب مان ” چريو“ٿي ويو آهيان ۽ سماج کي نقصان پهچائي سگهان ٿو.
هن چيو ته ” گهر ۾ مون بابت هي سڀ ڳالهيون ٿي رهيون هيون، مون پاڻ کي ڏسي سوچيو ته مان ان صورتحال مان ڪيئن نڪرجي ڇو ته پوري فيملي مون کي چريو سمجهي رهي هئي.“
فيصل خان چيو ته هو پنهنجي پيءُ جي مدد جو منتظر هو، پر والد گهر کان پري ٻي زال سان گڏ رهندو هو ۽ وٽس سندس نمبر به نه هو.
اداڪار اِهو به چيو ته ” عامر مون کي هڪ سال لاءِ گهر ۾ قيد رکي ۽ فون کسي ورتي هئي، مان ٻاهر نه نڪري سگهيس ۽ منهنجي ڪمري ٻاهران گارڊ موجود هوندا هئا جيڪي مون دوائون ڏيندا ها.
هن وڌيڪ چيو ته ته هڪ سال کانپوءِ جڏهن مون زور ڀريو ته عامر مون کي ٻئي گهر ۾ منتقل ڪري ڇڏيو.