پي ايس ايل راند جي معيار ۾ بِگ بيش کي مات ڏئي ڇڏي، دنيا جي ٻي بهترين ليگ قرار

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي نشرياتي اداري (بي بي سي) پاڪستان سپر ليگ کي دنيا جي ٻي سڀ کان دلچسپ فرنچائز ليگ قرار ڏئي ڇڏيو.
بي بي سي جي رپورٽ موجب، پي ايس ايل ۾ بيٽنگ ۽ بالنگ جو بهترين توازن، سخت مقابلا شوقينن جون دليون کٽي رهيا آهن، پي ايس ايل تفريحي انڊيڪس ۾ آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي، دي هنڊريڊ، سي پي ايل ۽ بِگ بيش کي پوئتي ڇڏي ڏنو.
بي بي سي رپورٽ موجب، دنيا جي سڀ کان بهترين ليگز ۾ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) پهرين نمبر تي آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ايس ايل ۾ پهرين اننگز جو سراسري اسڪور 180 رنسون آهي، جيڪو دنيا جي سمورين ليگز ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته پي ايس ايل ۾ 27.5 سيڪڙو ميچن جو فيصلو آخري اوور ۾ ٿيو، جڏهن ته آءِ پي ايل جي 28.9 سيڪڙو ميچن جو فيصلو آخري اوور ۾ ٿيو.
رپورٽ موجب، في ميچ سڀ کان وڌيڪ چوڪن جي ايوريج پي ايس ايل ۾ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
پاڪستان سپر ليگ ۾ في ميچ 30 چوڪا ۽ 14 ڇڪا لڳائڻ جي ايوريج آهي، جڏهن ته آءِ پي ايل ۽ سي پي ايل ۾ في ميچ 15 ڇڪن جي ايوريج آهي.
رپورٽ ۾ اِهو به چيو ويو ته پي ايس ايل جي رانديگرن جي ايوريج انٽرنيشنل ڪيپس 351 جيڪا سڀني ليگن ۾ ٻئي نمبر تي آهي.
آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي جي ايوريج انٽرنيشنل ڪيپس 423 ۽ آءِ پي ايل ۾ 335 آهي.
ان کانسواءِ پي ايس ايل معيار ۽ دلچسپي ۾ بِگ بيش کي گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي.
تفريحي انڊيڪس جي 5 اهم ميٽرڪس ۾ پي ايس ايل دنيا جي ٻيو نمبر بهترين ايوريج رکندڙ ليگ آهي.
پي ايس ايل دنيا جي اهڙين آڱرين ڳڻڻ جيترين ليگز منجهان هڪ آهي، جتي دنيا جا سپر اسٽارز ايڪشن ۾ نظر ايندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.