فلوريڊا (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ ٻن وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي.
پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ فلوريڊا ۾ ٿي، جتي پاڪستان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 133 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان حسن نواز سڀ کان وڌيڪ 40 رنسون ٺاهيون، ڪپتان سلمان علي آغا 38 ۽ فخر زمان 20 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
ويسٽ انڊيز جي جيسن هولڊر 19 رنسن عيوض 4 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته گوداڪيش موتي 2 شڪار ڪيا.
جواب ۾ ويسٽ انڊين ٽيم آخري بال تي هدف حاصل ڪري ورتو، گوداڪيش موتي 28، ڪپتان شاءِ هوپ 21، روسٽن چيز ۽ جيسن هولڊر 16-16 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان محمد نواز 3، صائم ايوب 2، شاهين آفريدي ۽ سفيان مقيم هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
ويسٽ انڊيز ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ دلچسپ مقابلي بعد پاڪستان کي هارائي سيريز برابر ڪري ڇڏي
You might also like