جديد ڪرڪيٽ جو عظيم ترين بيٽر ويرات ڪوهلي جڏهن به ميدان تي لهندو آهي ته هڪ ڳالهه جيڪا هر مداح جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي وٺندي آهي اِها سندس جڳمائيندڙ ”18“نمبر واري جرسي آهي.
پر ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته اِهو نمبر رڳو هڪ اتفاق ناهي، اِهو نمبر سندس زندگيءَ جي هڪ ڏکوئيندڙ ياد سان جڙيل جنهن کيس اڳتي هلي مضبوط بڻايو.
ويرات لاءِ ارڙهين نمبر واري جرسي هڪ نئين باب جي شروعات ۽ لڳاتار جدوجهد جي ڪٿا آهي.
ڪوهلي لاءِ ”18“ هون نمبر رڳو سندس جرسي نمبر نه آهي، پر اِهو نمبر سندس دِل جي بنهه ويجهو آهي.
حقيقت ۾ اِهو نمبر ويرات طرفان پنهنجي پيءُ پريم ڪوهليءَ کي ڀيٽا آهي جيڪو 18 ڊسمبر 2006ع دل جي دوري وگهي ديهانت ڪري ويو هو.
ويرات ڪوهلي جي پيءُ جي شروع کان ئي اِها خواهش رهي هئي ته سندس پٽ هڪ ڏينهن ڀارت جي نمائندگي ڪري.
جڏھن هن لاڏاڻو ڪيو تڏهن ڪوهلي رانجي ٽرافيءَ جي ميچ کيڏي رهيو هو، دهلي جي ٽيم مٿان فالو آن جي تلوار ٽنگيل هئي.
ان دوران کيس خبر ملي ته سندس والد لاڏاڻو ڪري ويو آهي پر هن پنهنجي اننگز 40 رنسن تان ٻيهر شروع ڪئي ۽ 90 رنسون اسڪور ڪرڻ بعد پنهنجي والد جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ روانو ٿيو.
سندس ان عمل مان ئي ھن جي ڪرڪيٽ سان محبت، ذهني پختگي ۽ ذميواري جو احساس ظاهر ٿئي ٿو.
ذڪر جوڳي ڳالهه اِها آهي ته هن جڏهن سريلنڪا خلاف عالمي ڪرڪيٽ ۾ ڊيبيو ڪيو هو ان ڏينهن به تاريخ 18 آگسٽ 2008 هئي.
واضح رهي ته ويرات ڪوهلي کان اڳ ڀارتي ڪرڪيٽ ۾ ”لٽل ماسٽر“ سچن ٽنڊولڪر جو دٻدٻو هوندو هو، پر ڪوهليءَ ٽيم ۾ ايندي ئي پنهنجي مهارت ۽ ٽيڪنڪ سبب ڪروڙين دلين ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.
ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ گڏيل طور تي 82 سينچريون اسڪور ڪرڻ کانپوءِ هو هن وقت دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچريون ٺاهڻ وارن رانديگرن ۾ ٻئي نمبر تي آهي. پهرين نمبر تي ڀارت جو ئي سچن ٽنڊولڪر آهي، جنهن پنهنجي ڪيريئر دوران 100 سينچريون اسڪور ڪيون.
ان کانسواءِ، ويرات ڪوهلي ايشيا ۽ ڀارتي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جو ڪامياب ترين ڪپتان بڻيو ۽ عالمي ڪرڪيٽ ۾ 26 هزار کان وڌيڪ رنسون اسڪور ڪري چڪو آهي.
بيٽر طور هن 123 ميچن جي 210 اننگز ۾ 30 سينچرين ۽ 31 ففٽين ۽ 46 ڏهائي 85 جي ايوريج سان 9230 رنسون ٺاهيون.
ياد رهي ته ويرات ڪوهلي گذريل سال ڀارت جي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کٽڻ کانپوءِ مختصر فارميٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو، جڏهن ته هلندڙ سال مئي ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي به الوداع چئي ڇڏيو.
You might also like