نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي فضائي ريگوليٽر اداري ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف سول ايوي ايشن (ڊي جي سي اي) اعلان ڪيو آهي ته ان ملڪ جي مختلف ايئر لائنز ۾ 263 حفاظتي خاميون دريافت ڪيون آهن.
انهن مان سڀ کان وڏي فضائي ڪمپني انڊيگو ۾ 23 ۽ ٻي وڏي ايئر لائن ايئر انڊيا ۾ 51 خامين جي نشاندهي شامل آهي.
اهو معاملو عالمي سول ايوي ايشن آرگنائيزيشن (آءِ سي اي او) جي گهرجن ۽ عالمي بهترين ضابطن تحت سالياني معمول جي آڊٽ جو حصو هو.
ڊي جي سي اي جو چوڻ آهي ته وڏا ٻيڙا رکندڙ ايئر لائنز ۾ خامين جو انگ وڌيڪ هجڻ معمول جي ڳالهه آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب جولاءِ ۾ ڪيل آڊٽ ۾ ڊي جي سي اي ايئر انڊيا ۾ 51 خاميون نوٽ ڪيون، جن ۾ ڪجهه پائليٽن جي ناڪافي تربيت، غير منظور سميوليٽرز جو استعمال ۽ ڊيوٽين جا فرض حوالي ڪرڻ جو ناقص سسٽم شامل آهي.
You might also like