مستقبل ۾ پاڪستان ڀارت کي تيل وڪرو ڪري سگهي ٿو: ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ هڪ نئين واپاري معاهدي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ان معاهدي تحت ٻئي ملڪ پاڪستان جي تيل ذخيرن کي گڏيل طور تي ترقي ڏيندا.
ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ٽرٿ سوشل“ تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته اسان پاڪستان سان هڪ معاهدو مڪمل ڪيو آهي، جنهن تحت پاڪستان ۽ آمريڪا گڏجي ان جي وڏن تيل ذخيرن کي ترقي ڏيندا.
آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته هڪ آمريڪي تيل ڪمپني کي ان ڀائيواري جي قيادت لاءِ چونڊيو ويندو ۽ ممڪن آهي ته مستقبل ۾ پاڪستان جو تيل ڀارت کي به وڪرو ڪري سگهجي.
سندس چوڻ هو ته اسان هن وقت هڪ ڪمپني جي چونڊ جي عمل ۾ آهيون، ڪهڙي خبر اها هڪ ڏينهن ڀارت کي تيل کپائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.