ٽرمپ جو اعلان: پاڪستان ۾ تيل جي نئين راند يا سياسي بيان؟

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم ’ٽرٿ سوشل‘ تي پاڪستان سان هڪ تيل جي معاهدي واري اعلان، عالمي ۽ علائقائي سياست جي حوالي سان نوان سوال پيدا ڪري ڇڏيا آهن.

ٽرمپ جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ پاڪستان گڏجي ملڪ جي تيل جي وسيع ذخيري کي تجارتي طور قابلِ استعمال بڻائڻ لاءِ ڪم ڪندا، ۽ ان مقصد لاءِ هڪ اهم آئل ڪمپني جي چونڊ ٿي رهي آهي.

جيوڻيڪ پاڪستاني حڪومت طرفان اهڙي معاهدي جي باضابطا تصديق سامهون نه آئي آهي، پر تجزئي نگار هن اعلان کي نه رڳو هڪ اهم تجارتي امڪان پر هڪ اسٽرٽيجڪ سگنل طور به ڏسي رهيا آهن. ٽرمپ جي بيان جو وقت پڻ اهميت رکي ٿو، ڇو ته پاڪستان هن وقت معاشي بحران، توانائي جي کوٽ، ۽ عالمي سطح تي نئين سر دوست ملڪن سان تعلقات جي تلاش ۾ آهي.

توانائي ماهر محمد وصي خان جو خيال آهي ته جيڪڏهن آمريڪا واقعي ڪنهن عالمي آئل ڪمپني کي پاڪستان موڪلڻ جو ارادو رکي ٿو ته اهو ملڪ جي توانائي شعبي لاءِ هڪ وڏو قدم هوندو، خاص طور تي جڏهن ملڪ ۾ تيل جي مقامي پيداوار 11 سيڪڙو تائين گهٽجي وئي آهي.

پر تنهن باوجود به ڪجهه مبصرن مطابق ٽرمپ جو بيان سندس مخصوص سياسي انداز ۽ داخلي اسٽرٽيجڪ مقصدن سان به جڙيل ٿي سگهي ٿو، جنهن سان هو عالمي طور آمريڪا جي دلچسپي جا نوان نقشا اڪاري ڏيکارڻ چاهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.