قدرتي وسيلن سان مالامال ۽ ترقي کان محروم سنڌ

پاڪستان جي معاشي، صنعتي ۽ توانائيءَ جي ضرورتن جي پوري ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن ڪنهن صوبي کي ڪرنگهي جي هڏي جو درجو مليو آهي، ته اهو آهي سنڌ. ملڪ جي گئس ۽ تيل جي پيداوار جو وڏو حصو هن صوبي مان نڪري ٿو. پاڪستان ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي جي رپورٽ موجب سنڌ ۾ هن وقت ملڪ جا 247 تيل ۽ گيس جا کوهه موجود آهن، جيڪي پاڪستان جي گڏيل توانائي پيداوار جو وڏو ذريعو آهن. ان جي ڀيٽ ۾ پنجاب ۾ رڳو 33، خيبرپختونخوا ۾ 15 ۽ بلوچستان ۾ رڳو 4 کوهه فعال آهن، جيڪي اهو ظاهر ڪن ٿا ته توانائي شعبي جي اڳواڻي سنڌ جي هٿ ۾ آهي.

ان جي باوجود، سنڌ کي وفاقي سطح تي جيڪو حصو ملڻ گهرجي، اهو نه رڳو گهٽ آهي پر اڪثر ڪري غير منصفاڻو به لڳي ٿو. تجزئي نگارن مطابق سنڌ جي قدرتي وسيلن مان حاصل ٿيندڙ آمدني، روزگار، پاليسين ۽ اختيارن ۾ سنڌ جي شراڪت گهٽ آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي ماڻهن ۾ احساس محرومي وڌڻ فطري عمل بڻجي چڪو آهي. سنڌ مان نڪرندڙ گئس، جيڪو ملڪ جي 65 کان 70 سيڪڙو گئس فراهم ڪري ٿو، ان جا ڪيترائي علائقا اڄ به گئس، صاف پاڻي، تعليم ۽ صحت جي بنيادي سهولتن کان محروم آهن. جيڪب آباد، شهدادڪوٽ، قمبر، نوشهروفيروز، ٺٽي، بدين ۽ ٿرپارڪر جهڙي ضلعن ۾ گئس ته نڪري ٿي، پر ان جو فائدو اڄ اتان جي مقامي ماڻهن کي نٿو پوي، روزگار ۽ رائلٽي جو حصو ته پري جي ڳالهه پر اتان جا ماڻهو اڄ به ڪاٺيون ساڙي کاڌو تيار ڪن ٿا.

توانائي جي شعبي سان لاڳاپيل ماهر ڊاڪٽر عافيا ۽ محمد وصي خان به ان ڳالهه تي زور ڏين ٿا ته سنڌ وٽ وسيلا ضرور آهن، پر انهن وسيلن تي ڪمائڻ وارا ته ٻيا آهن، پر لٽجڻ واري پاسي تي سنڌ اڪيلي بيٺل آهي. سياسي سطح تي به هن صوبي کي مڪمل خودمختاري نه هجڻ جي ڪري پنهنجي وسيلن تي مڪمل اختيار حاصل نه آهن. تيل ۽ گيس جي ريگوليشن، لايسنس، پاليسي ۽ رائلٽي جي تقسيم بابت سمورا اختيار وفاق وٽ مرڪوز آهن، جڏهن ته سنڌ سرڪار طرفان ڪيترائي ڀيرا ڀيرا شڪايت ٿيندي رهي آهي ته رائلٽي جي رقم دير سان ملي ٿي، يا مڪمل طور تي ادا ئي نه ڪئي ويندي آهي.

اهو ئي سبب آهي جو، هڪ طرف سنڌ جي زمين هيٺان تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻيا قدرتي وسيلا موجود آهن، ته ٻئي طرف ان صوبي ۾ بيروزگاري، غربت، بدترين تعليم ۽ هيلٿ سسٽم جون تصويرون ملي ٿيون. ٿر جهڙي ڌرتي، جيڪا ڪوئلي جي اربين ڊالرن جي ماليت رکندڙ وسيلن سان مالا مال آهي، اڄ به غذائي کوٽ ۽ ٻارڙن جي مرڻ سان سڃاتي وڃي ٿي. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ جي ويڳاڻائپ وارو رخ نه رڳو سياسي الزام آهي پر ان جا ڏسڻ، ماپڻ ۽ ڳڻڻ جهڙا ثبوت پڻ موجود آهن.

تازو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران پاڪستان ۾ تيل جي وسيع ذخيري تي ڪم ڪرڻ جي معاهدي جو اعلان سامهون آيو، پر ان معاهدي ۾ به سنڌ جي خاص ذڪر يا نمائندگي جو ڪو ذڪر نظر نٿو اچي، جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ ذخيرا ته سنڌ ۾ ئي موجود آهن.

انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي ضروري آهي ته وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ وسيلن جي ورهاست جي پاليسي تي نئين سر نظرثاني ڪئي وڃي. رائلٽي، روزگار، پاليسي سازي ۽ فيصلن ۾ سنڌ کي ان جو جائز حق ملي. ٻي صورت ۾، سنڌي ماڻهن جي اندر جو درد، محرومي، ۽ ناراضگي وڌيڪ شدت سان اڀري سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.