ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محتسب اعليٰ سنڌ طرفان عهدي تان هٽائڻ جي حڪمن کانپوءِ ڪي اليڪٽرڪ سي اي او مونس علوي جو بيان سامهون اچي ويو.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ مونس علوي چيو ته مان پيشيوراڻي لاڳاپن ۾ سدائين ايمانداري ۽ وقار جي قدرن کي برقرار رکيو آهي، تازو فيصلو انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي، قانوني عمل ۽ ان کي برقرار رکندڙ ادارن جو احترام ڪيان ٿو.
هن چيو ته نتيجا صورتحال جي حقيقت جي عڪاسي نٿا ڪن، قانوني صلاحڪار سان گڏ ان فيصلي جو جائزو وٺي رهيو آهيان، اپيل جو حق استعمال ڪندس.
محتسب اعليٰ سنڌ طرفان عهدي تان هٽائڻ جي حڪمن بعد مونس علوي جو بيان سامهون اچي ويو
You might also like