اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ملڪ ۾ جاري کنڊ بحران کي ڏسندي شگر ملز خلاف سخت ايڪشن وٺندي سمورو ذخيرو پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺي ڇڏيو.
حڪومت شگر ملن جي گودامن ۾ موجود ذخيرن مان کنڊ جي فراهمي جي مانيٽرنگ لاءِ ايف بي آر اهلڪار مقرر ڪري ڇڏيا آهن.
ان حوالي سان نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته 18 شگر ملز مالڪن ۽ ٻين عنصرن جا نالا به اي سي ايل ۾ وڌا ويا آهن، ڪجهه ڏينهن ۾ اي سي ايل ۾ وڌل نالا به جاري ڪنداسين.
اختيارين ٻڌايو ته 19 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ شگر ملن بدران حڪومتي ڪنٽرول ۾ هلي وئي آهي ۽ اهو فيصلو کنڊ جي هٿرادو کوٽ ۽ اگهه وڌڻ جي خدشي کي ڏسندي ڪيو ويو آهي.
سڀني شگر ملن ۾ کنڊ جي اسٽاڪ تي ايف بي آر جا ايجنٽ مقرر ڪيا ويا آهن، جيڪي شگر ملن جي گودامن تان کنڊ جي سپلاءِ جي مانيٽرنگ ڪندا، جڏهن ته شگر ملن جي اسٽاڪ تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لڳايو ويو آهي.
کنڊ بحران تي حڪومت جو ايڪشن، ملن جي ذخيري تي قبضو، مالڪن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل
Next Post
You might also like