واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ورلڊ اٿيليٽڪس طرفان عورت ايٿليٽس لاءِ ” جينڊر ٽيسٽ“لازمي قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، عالمي رينڪنگ مقابلن ۾ وومين ڪيٽيگري ۾ شرڪت جي خواهشمند ايٿليٽس کي ”جنس ٽيسٽ“ ڪرائڻي پوندي.
ورلڊ ايٿليٽڪس جي ترجمان موجب، عورت ايٿليٽس کي زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو جنس جي تصديق لاءِ ” ايس آر واءِ “ ٽيسٽ ڪرائڻي پوندي.
ترجمان موجب، ورلڊ چيمپيئن شپ ۾ شرڪت جي خواهشمند اٿليٽس پهرين سيپٽمبر تائين ٽيسٽ جا نتيجا جمع ڪرائڻ جون پابند هونديون، جينڊر ٽيسٽ جي ذميواري لاڳاپيل فيڊريشن تي هوندي.
آمريڪي اولمپڪ ڪميٽي جو چوڻ آهي ته هو مختلف اسٽيڪ هولڊرز سان نگراني جي ذميوارين جي حوالي سان سهڪار جاري رکندي ۽ انهي ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته عورتن کي ايگزيڪيوٽو آرڊر 14201 ۽ ٽيڊ اسٽيونز اولمپڪ اينڊ ايميچور اسپورٽس ايڪٽ تحت هڪ منصفاڻي ۽ محفوظ مقابلي جو ماحول فراهم ڪجي.
واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فيبروري ۾”مردن کي عورتن جي راندين مان ٻاهر رکڻ“ واري آرڊر تي صحيحون ڪيون هيون ته جيئن ٽرانس جينڊر پليئرز کي عورتن جي مقابلن مان نيڪالي ڏئي سگهجي.
صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته هو ٽرانس جينڊر اٿليٽس کي 2028ع شيڊيول لاس اينجلس اولمپڪس ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه ڏيندو.
ان حڪم ۾ انصاف واري کاتي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته سمورا سرڪاري ادارا انهي ڳالهه کي يقيني بڻائن ته ٽرانس جينڊر ڇوڪرين ۽ عورتن تي عورتن جي اسڪول جي راندين ۾ حصو وٺڻ تي پابندي لاڳو ڪئي
You might also like