سون جي اگهه ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن لاٿ جو رجحان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن سون جي اگهه ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 300 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 3 لک 56 هزار 400 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 257 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 5 هزار 555 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 3 هزار 340 ڊالرن مان گهٽجي 3 هزار 337 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.