پيشاب ۾ انفيڪشن، جنهن کي“يو ٽي آءِ” (Urinary Tract Infection) چئجي ٿي، گهڻي قدر عورتن ۾ عام آهي، پر مرد به ان جو شڪار ٿين ٿا. ڊاڪٽرن موجب انفيڪشن ٿيڻ جو وڏو سبب بيڪٽيريا جو پيشاب جي رستي ۾ داخل ٿي وڃڻ آهي، جيڪو گهڻو ڪري صفائي جي گهٽتائي، پاڻي گهٽ پيئڻ ۽ پيشاب روڪي رکڻ جي ڪري ٿيندو آهي.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته پيشاب ۾ انفيڪشن جي علامتن ۾ گهڙي گهڙي پيشاب ايندو، پر ٿورو ٿورو نڪرندو، پيشاب ڪندي ساڙو يا جلن، پيٽ جي هيٺين حصي ۾ تڪليف ۽ پيشاب ۾ بدبو يا رنگ جي تبديلي شامل آهن.
گهريلو حل ۽ بچاءُ لاءِ ڊاڪٽر ۽ ماهرن جون صلاحون:
پاڻي گهڻو پيئو: ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8-10 گلاس پاڻي پيئو ته جيئن بيڪٽيريا ڌڪجي ٻاهر نڪري سگهن.
ڪرين بيري جو رس: ماهرن موجب ڪرين بيري جو رس پيشاب جي رستي ۾ بيڪٽيريا جي چنبڙي وڃڻ کان روڪي سگهي ٿو.
پيشاب روڪي نه رکو: پيشاب اچي ته فوراً وڃڻ جي عادت بڻايو، دير ڪرڻ سان بيڪٽيريا وڌڻ جا امڪان ٿين ٿا.
ڪپڙا خشڪ ۽ صاف رکو: گهڻا سوڙها ڪپڙا نه پائڻ ۽ ڪپهه وارا انڊرويئرز پائڻ سان انفيڪشن کان بچي سگهجي ٿو.
ڪاري چانهه جا ٻه ڪپ روزانو: بنا کير واري ڪاڙهي ۾ موجود اينٽي آڪسيڊنٽز انفيڪشن جي شدت گهٽائڻ ۾ مدد ڪن ٿا.
گرم کاڌا(سنڍ، ٿوم) استعمال ڪريو: اهي جسم ۾ بيڪٽيريا سان وڙهڻ جي قوت وڌائين ٿا.
پر جيڪڏهن بخار، چيلهه ۾ تڪليف يا رت وارو پيشاب اچي ته فوري ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو، ڇو ته اها سنگين يو ٽي آءِ ٿي سگهي ٿي، جنهن لاءِ اينٽي بائيوٽڪ دوائون گهربل هونديون.
ماهرن جو چوڻ آهي ته پيشاب ۾ انفيڪشن کان بچڻ لاءِ روزاني پاڻي جي استعمال ۾ واڌ، صفائي جو احتياط، متوازن خوراڪ ۽ پيشاب وقت تي ڪرڻ جي عادت سان وڏو بچاءُ ممڪن آهي، جڏهن ته گھر ۾ رهندي ان جا گھريلو علاج شروعاتي مرحلن ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.