اهو 08 مارچ 1977ع جو ڏينهن هو. ڪرشن چندر پنهنجي ڪمري ۾ ”بدڪ جي لاءِ ادب“ ناول لکڻ شروع ڪيو، هن لکيو، ”نورانيءَ کي ٻاروتڻ کان ئي پالتو جانورن جو شوق ھُيو. ڪبوتر، ڀولڙا، رنگ برنگي جھرڪيون…..“ هن اڃان جملو پورو ڪونه ڪيو هو جو کيس دل جو شديد دورو پيو ۽ هو گذاري ويو.سندس ناول اتي ئي رهجي ويو.
ڪرشن چندر 23 نومبر 1914ع تي راجستان ۾ ڄائو. سندس پيءُ ڊاڪٽر هو. ڪرشن چندر 1930ع دوران فارمين ڪرسچيئن ڪاليج، لاھور ۾ پڙھيو. ڪاليج ۾ ڪرشن چندر اتان نڪرندڙ مئگزين جي انگريزي وارو ڀاڱو ايڊٽ ڪندو هو. مئگزين جي اردو واري ڀاڱي جي ايڊيٽر مھر لعل سوني ضيا فتح آبادي هئي. جنهن ڪرشن چندر جي پهرين ڪهاڻي “ساڌُو” شايع ڪئي. ڪرشن چندر سئو کان مٿي ڪتاب لکيا. سندس ويهارو کن ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيا آهن. جن ۾ محبت به قيامت به، چيڪلو، ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون، اگهاڙپ جو فلسفو، پراڻو قرض، ڏکڻ مان ٿو سج اڀري، اٽو لٽو ۽ اجهو، غدار، موهن جي دڙي جو خزانو، پياسيون ڌرتي پياسي دلڙيون، هڪ گڏهه جي آتم ڪٿا، ان داتا ۽ ساريان سيئي ڏينهن شامل آهن.
مشهور ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ شاعر زيب سنڌي صاحب لکيو آهي ته ”ڪرشن چندر ظاهري طور تي سنڌ جي پڙهندڙن لاءِ هڪ پرڏيهي ليکڪ آهي، پر ذهني طور تي سنڌ جي پڙهندڙ کي هو ڪڏهن به اوپرو ناهي لڳو. خليل جبران جيان ڪرشن چندر به اهو پرڏيهي ليکڪ آهي، جنهن سنڌ جي پڙهندڙن جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ جوڙي ورتي آهي. فقط سنڌ ۾ ڇا، پر مان سمجهان ٿو، ڪرشن چندر دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾، ڪنهن به ٻوليءَ ۾، جتي به ڇپيو آهي، اتي هن پڙهندڙن کي پڪ سان ائين ئي متاثر ڪيو هوندو، جيئن اسان هن کي پنهنجو پنهنجو سمجهڻ لڳا آهيون؛ ۽ اهڙي حيثيت، دنيا جا گهٽ ليکڪ ماڻي سگهندا آهن. نه فقط ڪرشن جو انداز، پر سندس موضوع به اهڙا آهن، جيڪي نه فقط هندستان ۾ اهميت رکن ٿا، پر باقي دنيا سان گڏ، خاص طور تي ٽين دنيا جي هر فرد کي انهن ۾ پنهنجا عڪس نظر اچن ٿا. سندس انيڪ ڪهاڻيون پڙهندي ڪڏهن به اهو خيال ناهي آيو ته ڪو اُهي ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ نه، پر ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ لکيون ويون آهن؛ ۽ اهي ڪهاڻيون، جيڪي هن سنڌي ڪردارن تي لکيون آهن، انهن کي پڙهندي ته ويتر اهو تصور به نه ٿو اچي ته ڪو اهي سنڌي ڪهاڻيون ناهن. اهي ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا محرڪ آهن، جن جي ڪري ڪرشن چندر نه فقط سنڌ جي عام پڙهندڙ کي موهيو آهي، پر هن سنڌ جي ليکڪن کي به متاثر ڪيو آهي. نه فقط اهو، پر هن سنڌ جي نظرياتي، سياسي ورڪرن جي ذهني اوسر ۾ پڻ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.”
ڪرشن چندر ٻه شاديون ڪيون.سندس پهرين زال جو نالو ودياوتي هو. ودياوتي جي لاءِ مشهور آهي ته هوءَ چيڙاڪ عورت هئي. ڪرشن ٻي شادي سلميٰ صديقي سان شادي ڪئي. سلميٰ صديقي جي ماءُ جي چوڻ تي سندن شادي اسلامي طريقي سان ٿي ۽ ڪرشن جو اسلامي نالو ”الله رکيو“ رکيو ويو، پر اهو نالو کيس نه وڻيو ۽ پوءِ سندس نالو بدلائي وقار الملڪ رکيو ويو. پر هو آخر تائين ڪرشن چندر ئي رهيو. اهوئي نالو سندس سڃاڻ هيو ۽ آهي.
ڪرشن چندر عالمي سطح جو ليکڪ هو. پروفيسر خواجا احمد فاروقيءَ موجب ”ڪرشن چندر جي ڪتابن جو دنيا جو سٺ زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.“هن ڪهاڻيون، ناول، ڊراما ۽ فلمن جا اسڪرپٽ لکيا. هن لکڻ جي شروعات لاهور ۾ ئي ڪئي، ۽ سندس ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ”طلسم خيال“ لاهور مان ئي شايع ٿيو. هو ڊگهي عرصي تائين ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ سان سلهاڙيل رهيو، پر ڪن بنيادي اختلافن سبب هو انجمن کان ڌار ٿي ويو. ڪرشن چندر ٽي سال آل انڊيا ريڊيو ۾ نوڪري ڪئي ۽ نوڪريءَ دوران هو لاهور، دهلي ۽ لکنو جي ريڊيو اسٽيشنس تي رهيو.
زيب سنڌيءَ سردار جعفريءَ جي حوالي سان لکي ٿو ته، ”سچ ته ڪرشن جي نثر تي مون کي ريس ايندي آهي. هو بي ايمان شاعر آهي، جيڪو ڪهاڻيڪار جو روپ اختيار ڪري ايندو آهي ۽ وڏين وڏين محفلن ۽ مشاعرن ۾ اسان سڀني ترقي پسند شاعرن کي شرمسار ڪري هليو ويندو آهي. هو پنهنجي هڪ هڪ جملي تي غزل جي مصرعن وانگر داد حاصل ڪندو آهي، ۽ مان دل ئي دل ۾ خوش ٿيندو آهيان، ته چڱو ٿيو جو انهيءَ ظالم کي مصرع موزون ڪرڻ جو سليقو نه آيو، نه ته ڪنهن شاعر کي وڌڻ نه ڏئي ها.”
سچي ڳالهه اها آهي ته ڪرشن چندر کي سنڌ ۾ ايترو پڙهيو وڃي ٿو جو شايد اصلوڪن ليکڪن کي به ايترو نه پڙهيو ويو هجي. هن جون ڪهاڻيون ۽ ناول؛ انهن جا پلاٽ سنڌي سماج جي ايترو ته ويجها آهن جو انهن ۾ ڪٿي به اوپرائپ محسوس نٿي ٿئي.
“ابتو وڻ” ڪرشن چندر جي جڳ مشهور ناول ”الٽا درخت“ جو سنڌي ترجمو آهي؛ جيڪو اسان جي دوست ذلفي چاچڙ ڪيو آهي. هيءُ ناول ٻارن لاءِ لکيل آهي، ۽ هن ۾ هڪ وڻ ڏيکاريل آهي؛ جنهن جون پاڙون ڌرتيءَ جي پاتال ۾ پکڙبيون وڃن ٿيون. اتي هڪ ٻار پهچي ٿو ۽ کيس هڪ شهر ملي ٿو. ناول جو مرڪزي نقطو اهو آهي ته هيءَ دنيا ٻارن جي رهڻ لائق ناهي رهي. هيءُ خيال ڏيڻ وقت ڪرشن چندر ترقي پسند ليکڪ هئڻ سان گڏ حقيقت پسند ليکڪ پڻ محسوس ٿئي ٿو. ۽ اها حقيقت آهي ته هيءَ دنيا جنهن نهج تي وڃي پهتي آهي؛ اها شايد ٻارن ۽ سندن معصوميت لاءِ ناموزون آهي.
ڪن نقادن جو چوڻ آهي ته، ڪرشن چندر جي هن ناول جو اصل خيال لوئي ڪيرول جي انگريزي ناول ”ايلسز ايڊوينچرز ان ونڊر لئينڊ“ تان ورتل آهي. جنهن ۾ ايلسز نالي هڪ ڇوڪري سهڙن جي ٻر ۾ ڪري پوي ٿي ۽ هيٺ هڪ نئين دنيا ۾ وڃي پهچي ٿي. ڪرشن چندر جي جڳ مشهور ڪهاڻي ”ڄمونءَ جو وڻ“ لاءِ مشهور آهي ته ان ڪهاڻي تان متاثر ٿي نسيم کرل ”چوٽيهون در“ ڪهاڻي لکي. فرق صرف ايترو آهي جو ڄمون جي وڻ جو ڏار ٽٽي پوي ٿو ۽ ان جي هيٺان هڪ شاعر اچي وڃي ٿو ۽ کيس ڄمون جي وڻ جي ڏار هيٺان ڪڍڻ لاءِ هڪ فائيل تيار ٿئي ٿو، جيڪو مختلف آفيسن جا چڪر ڪاٽي جڏهن ائپروو ٿي پهچي ٿو تيسيتائين شاعر گذاري وڃي ٿو. جڏهن ته نسيم کرل جي ڪهاڻيءَ ۾ چوٽيهين در ۾ ڦاٿل لاش روهڙي پوليس رڳو ان ڪري ٽيٽيهين در ۾ ڦاسائي ٿي جو اها سندن حد ڪانهي. پوليس جي حد بندي ۽ سرڪاري آفيسن جي تڪرار تي لکيل ٻئي ڪهاڻيون هڪ ٻئي جي ويجهو آهن.
ذلفي چاچڙ ڪرشن چندر جي ناول جو ڏاڍو خوبصورت ترجمو ڪيو آهي. هيءُ ناول پڙهندي ڪٿي به اوپرائپ محسوس نٿي ٿئي. اها ئي هن ناول ۽ ترجمينگار جي ڪاميابي آهي. ڪرشن چندر هونئن به گهڻو ٻاراڻو ادب لکيو آهي. هن ناول ۾ ته هو ڄڻ ٻارن جي نفسيات کي گهرائي سان سمجهي اڳتي لکندو ويو آهي.ذلفي چاچڙ کي خوبصورت ناول ترجمو ڪرڻ تي واڌايون