گُلشن حديد ۾ پاڻي جي کوٽ جو بحران

تحرير: جميل چانڊيو

دنيا چنڊ تي آباد ٿيڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي پر ملڪ خداداد پاڪستان خاص طور تي سنڌ جو عوام حڪمرانن جي غلط رٿابندين ۽ ڪرپشن سبب تيزي سان پٿر واري زندگي طرف ڌڪيو وڃي ٿو، صوبو سنڌ جتي معدنيات جي خزانن سان مالا مال آهي سنڌ کي گئس، پيٽرول، ڪوئلو ۽ ٻين انيڪ معدني وسيلن سان ڀريل آهي جنهن کي سمنڊ ۽ سنڌو درياءَ جهڙا انمول قدرتي خزانا مليل آهن تنهن جي باوجود سنڌي ماڻهو بنيادي سهولتون پاڻي، گئس، بجلي سميت صحت، تعليم جهڙي سهولتن کان وانجهايل آهن، ٻهراڙين ۾ ته اهڙو فقدان صدين کان پيدا ٿيل آهي پر سنڌ جي شهرن ۾ به بنيادي گهرجون به ڏينهون ڏينهن محدود ٿينديون پيون وڃن.

تازو ڪراچي جي هڪ اهم علائقي گلشن حديد ۽ پاڪستان اسٽيل مل جي رهائشي سرڪاري ڪالوني جنهن کي ماضي ۾ اسلام آباد طور تي سمجهيو ۽ ڏٺو ويندو هو هن تمام وڏي آبادي کي پاڻي جي سهولت پاڪستان اسٽيل مل طرفان مليل آهي، وڌندڙ آبادي جي شرح سبب ۽ پاڪستان اسٽيل مل جي مالي بحران واري اشو رهواسين جي زندگي ڏکي بڻائي ڇڏي آهي، پاڪستان اسٽيل مل انتظاميه مل جي بند ٿيڻ ۽ وفاق جي پاليسين سبب اڄ ادارو 1500 ارب روپين جو مقروض ضرور آهي پر هن اداري ۾ ڊائون سائيزنگ ۽ جبري برطرفين واري اشو وڌيڪ بحران جي صورتحال پيدا ڪئي آهي پاڪستان اسٽيل مل کي پاڻي هاليجي ڍنڍ مان ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي معرفت ملندو آهي، واٽر بورڊ جون رهتون مل مٿان اربين روپيا آهي اهڙي رهتن جي باوجود ڪيترائي دفعا ميئر ڪراچي ۽ ڊپٽي ميئر ڪراچي جيڪي ٻئي ضلعي ملير مان چونڊيل آهن هي ٻئي همراهه واٽر بورڊ جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي هڪ اضافي چارج رکندڙ آهن، هنن ٻنهي جو تعلق به صوبائي حڪومت سنڌ يعني پاڪستان پيپلزپارٽي سان آهي ڪيترائي ڀيرا اسٽيل مل انتظاميا کي گلشن حديد واسين جي پيئڻ جي پاڻي لاءِ تنبيهه ڪئي آهي ته واٽر بورڊ اسٽيل مل جو پاڻي ڪنهن به وقت بند ڪندي جيڪڏهن گلشن حديد واسين کي پاڻي نه مليو، ملندڙ پاڻي واٽر بورڊ جي اگهن کان 3 سئو سيڪڙو کان وڌيڪ اسٽيل مل انتظاميه گلشن حديد واسين کان وصول ڪري ٿي گلشن حديد واسين کي روزانو جي بنيادن تي پاڻي مهيا ڪرڻ جا پابند آهن پر گذريل ٽن سالن کان اسٽيل مل انتظاميه گلشن حديد واسين کي پاڻي ڏيڻ ۾ ڪن لاٽار ٿي ڪري ڪڏهن ليول ناهي ته ڪڏهن بجلي جو بحران ته ڪڏهن پمپنگ اسٽيشن کي بجلي جون تارون چوري ٿيڻ جا بهانا روز جو معمول بڻيل آهي.

گذريل 15 ڏينهن کان پاڪستان اسٽيل مل جي هن نظام هيٺ هلندڙ پاڻي جي نظام تي انتظاميا ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي رهواسي واٽر ٽينڪر مافيا جي ور چڙهيل آهن جن کي غير معياري پاڻي هزارين روپين عيوض پهچايو وڃي ٿو رهواسين جو اسٽيل مل انتظاميا تي اهو به الزام آهي ته ٽينڪر مافيا سان ملي ڀڳت ۾ مل جا آفيسر شامل آهن پاڻي جي عدم دستيابي خلاف گذريل ڏينهن گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون واسين تمام وڏو احتجاج ڪندي پاڻي جيڪو انساني زندگي جو اهم جز آهي تنهن جي فراهمي لاءِ پرامن احتجاج ڪيو پاڻي گهرڻ تي اسٽيل ٽائون پوليس سرڪاري مدعيت ۾ احتجاج ڪندڙن 52 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

سنڌ حڪومت اهڙي پوليس مداخلت ۽ بيجا شهرين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو نوٽيس وٺي ئي پر اسٽيل مل انتظاميه ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سميت سمورن چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبرن، صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن، ميئر، ڊپٽي ميئر، ٽائون چيئرمين ۽ حد جي مڪاني ادارن سان تعلق رکندڙ نمائندن سميت پيپلزپارٽي سان وابسته پاڪستان اسٽيل پيپلز ورڪر يونين جي ذميدارن سان هڪڙي سي ايم هائوس ۾ ميٽنگ ڪوٺائي وئي جتي پاڪستان اسٽيل مل سان وابسته سمورن مسئلن ۽ خاص طور تي گلشن حديد جي پاڻي واري مسئلي تي هڪ اعليٰ سطحي ميٽنگ ٿي جنهن ۾ اسٽيل مل انتظاميه کي قانوني طور تي پابند ڪيو ويو ته جيستائين پاڻي جا مسئلا حل نٿا ٿين ان وقت تائين پاڪستان اسٽيل انتظاميا گلشن حديد جي رهواسين کي پاڻي جون سهولتون بنا ڪنهن وقفي جي مُهيا ڪرڻ جي پابند هوندي.گلشن حديد جي پاڻي جي فراهمي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي وئي جيڪا واٽر بورڊ ذريعي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بنائيندي سنڌ جي وڏي وزير کي هن سنگين معاملي جو ترت نوٽيس وٺي اسٽيل مل انتظاميا کي نقيلي وجهي ته هو پاڻي جهڙي اهم جزي تي فيصلي مطابق عمل ڪري جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ عوام روڊن تي اچڻ تي مجبور ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.