سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ موجود نادرا آفيسون عوام لاءِ سهولت بدران تڪليف جو سبب بڻجي ويون آهن. خاص طور تي ضلعي ميرپورخاص جي تعلقن، ڪوٽ غلام محمد، ميرواه گورچاڻي، شجاع آباد ۽ ٻين علائقن جي ماڻهن جي حالتن تي نظر وجهجي ته لڳي ٿو ڄڻ هي ادارو قومي سڃاڻپ ڏيڻ بدران قومي تذليل جو مرڪز بڻجي ويو آهي.
روزانو سوين ماڻهو، جن ۾ عورتون، بزرگ ۽ ٻهراڙي جا غريب ماڻهو شامل آهن، نادرا آفيسن جي ٻاهران آڌي رات جو لائينن ۾ بيهڻ شروع ڪندا آهن، ته جيئن صبح جو ٽوڪن ملي سگهي. پر جيئن ئي آفيس جا دروازا کلن ٿا، تيئن "سفارش”، "فون ڪالز” ۽ "ايجنٽن” جو زور شروع ٿي وڃي ٿو. عام ماڻهو جيڪو پنهنجو جائز ڪم وٺڻ آيو آهي، ان لاءِ صرف مايوسي، توهين ۽ تڪليف ئي مقدر بڻجي وڃي ٿي. ڪوٽ غلام محمد ۾ تلڇو ڪولهي ٻڌايو ته نادرا آفيس اڳيان پنج ڏينهن کان پنهنجي زال جو ڪارڊ ٺهرائڻ لاء هر روز آڌي رات جو ايندو آهيان پر صبح جو ٽوڪن ايجنٽن ۽ سفارش وارن کي ملي ويندا آهن ۽ مايوس ٿي روز واپس ويندو آهيان پر ٽوڪن نه ٿو ملي.
جڏهن ته نادرا جو مطلب آهي "قومي سڃاڻپ” ان سڃاڻپ کي عزت، وقار ۽ سهولت سان حاصل ڪرڻ سنڌي عوام جو حق آهي، جيڪو سندن عزت نفس جو به تحفظ آهي پر هتي نادرا جي ڪمپيوٽرائيزڊ نظام ۾ بار بار فني خرابيون، سرور جي بندش ۽ ڊيٽا اپڊيٽ جو سست عمل ماڻهن کي مهينن تائين انتظار ڪرائي ٿو. ڪيترن ماڻهن کي صبح سوير ايندي به شام تائين ٽوڪن کان محروم موٽڻو پوي ٿو. ان سان گڏ، نادرا جا ڪجهه ملازم نه رڳو بيحس، پر غير تربيت يافته به نظر اچن ٿا، جن جي زبان تي بداخلاقي ۽ رويي ۾ بي اعتنائي عام جام ملندي آهي.
حقيقت ته اها آهي ته اڪثر آفيسن ۾ جائز ڪم رشوت ۽ سفارش کانسواءِ ٿي نٿو سگهي. "ايجنٽ ڪلچر” هڪ منظم بدعنواني جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي، جتي وچوڙا ماڻهو عام شهري کان فيس وٺي ڪم ڪرائين ٿا، جڏهن ته بيواهه، مسڪين ۽ پڙهيل لکيل شهري به پنهنجي حقن لاءِ دربدر ٿين ٿا.
نادرا جيڪو قومي سطح جو انتهائي حساس ادارو آهي، اتي اهڙي نااهلي، بدانتظامي ۽ غير ذميواري جو مطلب آهي ته رياست جو عام شهري پنهنجي شناخت لاءِ به ذليل ٿي رهيو آهي. هي صورتحال نه رڳو شرمناڪ آهي، پر وڏي پيماني تي انتظامي ناڪاميءَ جو چٽو ثبوت به آهي.
وفاقي حڪومت، صوبائي نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا کي گهرجي ته نادرا آفيسن ۾ عوامي شڪايت سيل قائم ڪيا وڃن. آن لائن ٽوڪن ۽ وقت جي پابندي سان نظام لاڳو ڪيو وڃي. ملازمن جي تربيت، اخلاق ۽ سروس ڊليوري تي سخت نگراني ڪئي وڃي. هر آفيس تي نگران آفيسر مقرر ڪيو وڃي، جيڪو سياسي مداخلت کان آزاد هجي ۽ نادرا جي نظام کي جديد، تيز رفتار ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻن. عوامي شڪايتن جو فوري ازالو ڪيو وڃي ۽ رشوت، سفارش ۽ ايجنٽ ڪلچر خلاف سخت قانون لاڳو ڪيا وڃن.
مولابخش نونداڻي