نوَ مئي جي ماسٽر مائنڊ قوم جي ٻارن کي ڏڦيڙن ۾ وجهي ڇڏيو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي سُڌ سماءُ واري وزير وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 9 مئي جي ماسٽر مائنڊ قوم جي ٻارن کي ڏڦيڙن ۾ وجهي ڇڏيو، جڏهن ته پنهنجا ٻار ملڪ کان ٻاهر رهايا، 9 مئي واقعن جو ماسٽر مائنڊ اڊيالا جيل ۾ آهي ۽ انهن واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي معاف نه ڪيو وڃي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ڪنهن به سياسي اڳواڻ کي سزا ملي ته اسان خوش نه ٿيندا آهيون، پر جن ماڻهو 9 مئي تي سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن کي ساڙي ڇڏيو، انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته بلوچستان ۾ افسوسناڪ واقعي جي بلاول ڀٽو طرفان مذمت ڪئي وئي آهي، واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي انجام تائين پهچائڻو پوندو ته جيئن اڳتي اهڙي حرڪت نه ٿئي.
شرجيل انعام ٻڌايو ته برساتن سبب جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي ۽ اهڙي وقت ۾ اسان سڀ گڏ آهيون، جيڪڏهن ڪنهن صوبي کي اسان جي مدد جي ضرورت پئي ته سنڌ حڪومت رضاڪاراڻو سهڪار ڪندي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

هن ٻڌايو ته ڪاروبار ڪرڻ چاهيندڙن لاءِ ”ون ونڊو آپشن“ ذريعي سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن.
لياري ۾ عمارت حادثي کانپوءِ مختلف عمارتون خالي ڪرايون ويون آهن، غيرقانوني اڏاوتن خلاف سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي آپريشن ڪري رهي آهي.
زبون حال عمارتن ۾ رهندڙ ماڻهن کي 6 مهينن جي مسواڙ سنڌ حڪومت ڏيندي. 61 انتهائي خطرناڪ عمارتن مان 59 خالي ڪرايون ويون آهن.
هن ٻڌايو ته شاهراهه ڀٽو جا ٻه فيز مڪمل ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ريڊ لائين جا مسئلا حل ڪري ڊسمبر تائين ڪوريڊور کوليو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.