دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي رانديگرن جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
ٽي ٽوئنٽي بيٽرن ۾ آسٽريليا جي ٽريوس هيڊ پهرين پوزيشن تي برقرار آهي، جڏهن ته ڀارت جو يشسوي جيسوال هڪ درجو بهتري بعد نائين نمبر تي اچي ويو آهي.
ويسٽ انڊيز جو شاءِ هوپ 4 درجا بهتري بعد ڏهين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته اڳوڻو پاڪستاني ڪپتان بابراعظم هڪ درجو تنزلي کانپوءِ 13 هين نمبر تي هليو ويو آهي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
محمد رضوان جي به هڪ درجو تنزلي ٿي آهي ۽ هاڻي هو 14هين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته بنگلاديش جو تنزيد حسن 18 درجا ترقي ماڻڻ بعد 37هين نمبر تي اچي ويو آهي.
ٽي ٽوئنٽي بالرن رينڪنگ ۾ نيوزيلينڊ جو جيڪب ڊفي جي نمبر ون پوزيشن تي برقرار آهي، جڏهن ته بنگلاديش جو مستفيض الرحمان 17 درجن جو وڏو ٽپو ڏيندي نائون نمبر ماڻي روتو آهي.
ڀارت جي ارشديپ سنگهه هڪ درجو ترقي بعد ڏهين نمبر پوزيشن سنڀالي ورتي آهي، جڏهن ته بنگلاديش جو مهدي حسن نوَ درجا بهتري سان 16هين نمبر تي اچي ويو آهي.
ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊر رينڪنگ ۾ ڀارت جو هاردِڪ پانڊيا پهرين پوزيشن آهي، جڏهن ته ويسٽ انڊيز جو روسٽن چيز 7 درجا بهتري سان ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي.