اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته غيرت جي نالي تي ڪنهن کي به قتل ڪرڻ شرعي لحاظ کان ناجائز آهي.
اسلام آباد ۾ ملي يڪجهتي ڪائونسل جي قومي مشاورتي اجلاس سان خطاب ڪندي جمعيت علما اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته غيرت جي نالي تي ڪنهن کي به قتل ڪرڻ شرعي طور تي ناجائز آهي ۽ ان تي مون کي ڪو به اختلاف يا تردد ناهي.
مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته قانون سازي وقت عوامي نمائندا پنهنجي سماج جي مزاج ۽ قدرن کي نظر ۾ رکن ٿا، پر جائز نڪاح لاءِ رنڊڪون پيدا ڪرڻ ۽ زنا لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ ڪنهن به طرح قبول نه آهن.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
هن وڌيڪ چيو ته 18 سال کان گهٽ عمر وارن جي نڪاح تي سخت سزائن جون تجويزون بي راهه رويءَ جا رستا کولينديون ۽ اسان کي ڄاڻڻو پوندو ته هي ايجنڊا ڪير هلائي رهيو آهي؟