سانوڻ، چانهه ۽ موسيقي: برسات ۾ ڀِڄندڙ بل بورڊ کي گنيز ورلڊ رڪارڊ جو اعزاز ڇو مليو؟

ڀارت جي مشهور چانهه ٺاهيندڙ ڪمپني ”تاج محل ٽي“ آنڌا پرديش جي سڄو سال برساتن سان ڀرپور شهر ”وجي واڙا“ ۾ هڪ اهڙو دلڪش ۽ ماحول دوست بل بورڊ ”ميگهه سنتور“ لڳايو آهي، جنهن کي عالمي سطح تي ڏاڍو ساراهيو ويو، لڳاتار برسات واري ماحول ۾ لڳايل هن نرالي بل بورڊ گنيز بُڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ جاءِ ٺاهي آهي ۽ ڪمپني کي هڪ اعزازي سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ ان کي دنيا جو بهترين ماحول دوست بل بورڊ قرار ڏنو ويو آهي.
هي بل بورڊ رڳو هڪ اشتهار نه پر جمالياتي تجربو آهي، ان کي اهڙي انداز سان ٺاهيو ويو آهي جو ڏسندڙ پاڻ کي هڪ روايتي برسات واري شام ۾ محسوس ڪن ٿا، جتي چانهه جي ٻاڦ، وسندڙ مينهن جون بوندون ۽ ڪلاسيڪي سُر گڏجي فضا کي مهڪائي ڇڏين ٿا.
بل بورڊ سان ڪاٺ جا وڏا چمچا لڳايا ويا آهن، جيڪي وسندڙ مينهن جو پاڻي گڏ ڪن ٿا، جڏهن انهن چمچن ۾ پاڻي جو وزن وڌي وڃي ٿو ته اُهي جُهڪي هيٺ لڳايل اليڪٽرانڪ سرڪٽ سان ٽڪرائجن ٿا، اُهو سرڪٽ هڪ خاص ترتيب سان راڳ ميگھه ملھار جي ڌُن وڄائڻ لڳي ٿو، اهڙيءَ طرح برسات جي بوندن سان گڏ فضا ۾ ان مڌر ڪلاسيڪي راڳ جا سُر پکڙجڻ لڳن ٿا، جيڪي نه رڳو ٻڌندڙن کي مسرور ڪن ٿا پر موسم سان مطابقت رکندڙ هڪ انوکو تجربو به تخلق ڪن ٿا.
بل بورڊ ۾ لڳايل هڪ خاص ”اسپري سسٽم“ ڏينهن جي مخصوص وقتن ۾ هلڪي برسات جهڙو ڏيک پيدا ڪري ٿو، جڏهن ته پس منظر ۾ مشهور طبله نواز استاد ذاکر حسين جي تيار ڪيل ڪلاسيڪي ڌُن وڄي ٿي، خاص ڳالهه اها آهي ته بل بورڊ تي وڄندڙ موسيقي راڳ ميگھه ملھار تي ٻڌل آهي، جيڪو ننڍي کنڊ جي ڪلاسيڪي روايتن ۾ برسات سان منسوب سمجهيو ويندو آهي ۽ صدين کان رم جھم برسات سان روحاني طور جوڙيو ويندو آهي.
ڪمپني جي ترجمان موجب هن مهم جو مقصد رڳو چانهه وڪڻڻ نه پر چانهه، موسم، موسيقي ۽ ماحول جي گڏيل رشتي کي اجاڳر ڪرڻ آهي، اسان جي خواهش هئي ته ماڻهو چانهه کي رڳو هڪ مشروب طور نه ڏسن پر ان کي هڪ ثقافتي تجربي طور محسوس ڪن، خاص طور برسات جي موسم ۾.
اهو بل بورڊ نه رڳو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو پر عالمي ماحولياتي حلقن ۽ اشتهاري ماهرن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو، ان کي برانڊ ۽ فطرت جي سنگم جو هڪ ناياب مثال قرار ڏنو پيو وڃي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙا تخليقي، ماحول دوست ۽ ثقافتي طور جڙيل اشتهاري طريقا نه رڳو برانڊ جي مقبوليت وڌائين ٿا پر ڏسندڙن سان جذباتي لاڳاپو به پيدا ڪن ٿا، جيڪا ڪنهن به مارڪيٽنگ مهم جي بلند ترين سطح هوندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.