نوابشاهه: عدالت ۾ حاضري تي ويل 6 ڄڻا گوليون هڻي قتل

نوابشاهه (ويب ڊيسڪ) نوابشاهه جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڪيريا موري ڀرسان ڳوٺ يار محمد ڀنگوار ۾ ڀنگوار برادري جي 6 ماڻهن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.
مارجي ويلن ۾ شهباز، حبدار، فرمان، رجب، يار محمد، قربان ڀنگوار شامل آهن، جن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته انهن جي اڄ صبح عدالت ۾ پيشي هئي پر عدالت پهچڻ کان اڳ ئي کين قتل ڪيو ويو.
واقعي جي اطلاع تي پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي، اختيارين موجب واقعو امڪاني طور پراڻي دشمني تان پيش آيو، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.