پ پ اسٽيبلشمينٽ جي سرپرستي سان سنڌ تي قابض آهي: حافظ نعيم

لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پ پ اسٽيبلشمينٽ جي سرپرستي سان سنڌ تي قابض آهي.
منصورا، لاهور ۾ سنڌ جي ميمبرن کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته سنڌ ۾ سرداري نظام ظالماڻو آهي، ڌاڙيلن کي سردارن جي سرپرستي حاصل آهي.
هن چيو ته صوبي ۾ تعليم جي بجيٽ 450 ارب رپيا هجڻ باوجود تعليم جو ٻيڙو ٻڏل آهي، استادن جون جعلي ڀرتيون ڪيون ويون آهن ۽ هڪ ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن.
سندس چوڻ هو ته پ پ سنڌ جي عوام کي بنيادي ضرورتن کان محروم رکيو آهي، ادارا جواب ڏين ته ڪرپٽ ماڻهن کي عوام تي ڇو مڙهيو ويو؟ ادارن کي پنهنجي رويي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.