واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته غزا ۾ اسرائيل جي تڪرار تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي ۽ ايندڙ هفتي اڳڀرائي جو امڪان آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب آچر ڏينهن هن صحافين سان ڳالهائيندي اهو به چيو ته هو دوحا ۾ حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ ڳالهيون وقفي جو شڪار ٿيڻ باوجود پراميد آهي ته ايندڙ هفتي تائين جنگ جي حوالي سان اڳڀرائي ٿي ويندي.
هن چيو ته اسان غزا جي معاملي تي ڳالهيون ڪري رهيا آهيون ۽ اميد رکون ٿا ته ايندڙ هفتي اسان ان کي گهڻي حد تائين حل ڪري وٺنداسين.
واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ 4 جولاءِ تي به جنگبندي جي حوالي سان اهڙي ئي اميد جو اظهار ڪيو هو ۽ چيو هو ته ايندڙ هفتي تائين صورتحال بهتر ٿي ويندي، جڏهن ته ان کانپوءِ به هو اهڙي قسم جا بيان ڏيندو رهيو آهي.
You might also like